حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ جي مھان شاعر شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هر سال جيان ھن سال بھ نائون اياز ميلو اڄ کان شروع ٿي رھيو آھي، ميلي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون، سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شھر حيدرآباد ۾ ڊسمبر جي ٿڌين راتين ۾ سنڌ جي مھان شاعر شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ھر سال جيان ھن سال بھ سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ خانھ بدوش رائيٽرس ڪيفي جي اڱڻ تي لڳندڙ نائون اياز ميلو اڄ کان شروع ٿي رھيو آھي، ميلي جو افتتاح پ بلاول ڀٽو زرداري شام جو 4 وڳي ڪندو، ميلي جي پھرئين ڏھاڙي تي افتتاحي تقريب کان علاوھ ٻين موضوعن تي ويھڪون ٿينديون، رات جو محفل اياز ٿيندي، جنھن ۾ اتحاد بينڊ سميت ٻيا ناميارا راڳي سرن جي ورکا ڪندا. نائين اياز ميلي جي ٻئي ڏھاڙي تي اياز جا بيت، اياز، صدين جي صدا، سندھ گلال، نيلان سلھان پچھون، جھان آباد ڪي گليان، ڪيس آف ڪراچي ۽ مک ميڊيا بمقابل متبادل ميڊيا سميت نون نقادن جا خط جي موضوعن تي ويهڪون ٿينديون، رات جو ٿيندڙ محفل اياز ۾ مظھر حسين، ذوالفقار علي، اختر درگاھي، نزاڪت فقير، ضامن علي ۽ ماروي گروپ سميت ٻيا راڳي پنھنجا سر وکيريندا، محفل اياز ۾ ناميارو راڳي سيف سميجو، علي نوش ينگ قوالي گروپ، ديبا سحر، برڪت فقير، سالم رضا ڪنڀر ۽ ٻيا راڳي پنھنجي فن جو مظاھرو ڪندا. اياز ميلي جي چوٿين ڏھاڙي تي ادبي تنقيد، اياز جا ڏيڍ سٽا، جپسي ڪي خطوط، جان ڪتين تان ڪت، پاڪستان ۾ پاڻي جي سياست، ايک طرح کا پاگلپن (ناول)، رواداري ۽ سماجي اڻ سھپ، آرٽيفيشل جي دور ۾ اياز، عورت بھي خواب ديکھتي ھي، بي رنگ (ناول) ۽ احمد سليم: ضمير جو آواز جي موضوعن تي فڪري ويھڪون ٿينديون، ٻئي پاسي پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شيخ اياز ميلي جي حوالي سان پنهنجو پيغام جاري ڪندي چيو ته سڀ کان پهريان آئون شيخ اياز ميلو منعقد ڪندڙن کي سندن ان ڪاوش تي مبارڪون ڏيان ٿو، بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران پڌرو ڪيل بلاول ڀٽو زرداري جي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ويو ته گذريل ڪيترن سالن کان شيخ اياز ميلو ڪاميابيءَ سان منعقد ڪرڻ هڪ ساراهه جوڳو عمل آهي، علمي ۽ ادبي سرگرميون هڪ باشعور سماج جو ثبوت آهن، اياز ميلو بنا ڪنهن شڪ جي شيخ اياز جهڙي عظيم شاعر کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ سماج ۾ علم ۽ شعور جي واڌاري جي لاءِ هڪ بهترين طريقو آهي. شيخ اياز نه رڳو سنڌي ٻوليءَ جو منفرد شاعر ۽ اديب آهي، پر هو سنڌ جي سڃاڻپ آهي، شيخ اياز مرحوم جو علمي ۽ ادبي ورثو سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۽ پوري انسانيت جو انمول اثاثو آهي، جڏهن ته اياز ميلي ۾ بلاول ڀٽو زرداري، نامياري صحافي زاهد حسين پاران شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 1986ع کان 2002ع تائين ڏنل انٽرويوز تي سهيڙيل ڪتاب فيس ٽو فيس جي مهورت پڻ ڪندو.