ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ عورتن جا شناختي ڪارڊ ئي ناهن ٺهيل: فرحت الله بابر

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فرحت الله بابر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ عورتن جا شناختي ڪارڊ ناهن  ٺاهيا ويا. اسلام آباد ۾ پلڊاٽ رپورٽ جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي فرحت الله بابر چيو ته ملڪ جي سمورن طبقن لاءِ برابري جو ميدان هجڻ گهرجي، نوجوان سوشل ميڊيا تي سرگرم آهن پر چونڊن ۾ گهٽ حصو وٺي رهيا آهن. هن چيو ته ڇا نوجوان سمجهن ٿا ته چونڊون اسان جي مسئلن جو حل نه آهن؟ پلڊاٽ چونڊن ۾ عورتن ۽ نوجوانن جي عدم شرڪت جي جاچ ڪري. فرحت الله بابر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ نوجوان ووٽرن جو انگ 5.5 ڪروڙ آهي، پاڪستان ۾ شاگرد يونين بحال ٿيڻ گهرجي، سياسي پارٽين کي 18 کان 35 سالن جي نوجوانن لاءِ سيٽون الاٽ ڪرڻ گهرجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.