پي ٽي آءِ پاران چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ڪوشش کان پاسو ڪرڻ تي زور

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ڪوشش کان پاسو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي.  پڌرائي موجب پي ٽي آءِ بار ڪائونسلن ۽ بار ايسوسيئشنز جي چيف اليڪشن ڪمشنر بابت جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته بار ڪائونسلن ۽ بار ايسوسيئشنز جو اڪثر مواد پي ٽي آءِ جي موقف جي تائيد آهي. تحريڪ انصاف چيف اليڪشن ڪمشنر جي غير آئيني ۽ غير قانوني روين جي نشاندهي ڪندي رهي. پي ٽي آءِ ترجمان موجب چيف اليڪشن ڪمشنر جي جانبداراڻي سوچ تي پي ٽي آءِ جو موقف واضح رهيو آهي. ترجمان چيو ته سينيٽر اعجاز چوڌري جو چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ريفرنس پارٽي جي موقف جي کليل دليل آهي. پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته ملڪ ۽ قوم جو مفاد فوري، آزاد، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن ۾ آهي. پي ٽي آءِ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر آئين کان انحراف جو رستو اختيار ڪري آئيني فرض جي پورائي کي يقيني بڻائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.