اليڪشن ڪميشن 175 رجسٽرڊ سياسي پارٽين جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( م ڊ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) 175 رجسٽرڊ سياسي پارٽين جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي موجب پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) باني چيئرمين جي نالي تي اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ آهي. اليڪشن ڪميشن جي لسٽ موجب بلوچستان عوامي پارٽي (بي اي پي) صدر عبدالقيوم بزنجو ۽ عوامي مسلم ليگ پاڪستان جي صدر شيخ رشيد احمد جي نالي تي رجسٽرڊ آهي. لسٽ موجب جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق، پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي چوڌري شجاعت حسين ۽ عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) صدر اسفند يار ولي جي نالي تي رجسٽرڊ آهي. اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي موجب بلوچستان نيشنل پارٽي صدر اختر مينگل، نيشنل پارٽي جي صدر عبدالمالڪ جي نالي تي رجسٽرڊ آهي. جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز آصف علي زرداري جا نالا اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن جي لسٽ موجب جميعت علماءِ اسلام (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان، مسلم ليگ فنڪشنل جي صدر صبغت الله پير پڳاري ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي امير سعد رضوي جي نالي تي رجسٽرڊ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.