ٽنڊوآدم (رپورٽ: ممتاز علي حيدري) ضلعي سانگهڙ جي اهم سياسي شخصيت ۽ سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيري مرحوم شاهنواز جوڻيجو جي فرزند اڳوڻي ايم اين اي محمد خان جوڻيجو پٽ سان گڏ ڪراچي راجا هائوس تي جي ڊي اي سربراھ پير پاڳاري سان ملاقات ڪري جي ڊي اي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، اڳوڻي ايم اي اي محمد خان جوڻيجو ڪافي عرصي کان پ پ سان اختلاف هلندڙ هئا، پ پ قيادت اڳوڻي حڪومت ۾ سندس پٽ اصغر جوڻيجو کي صلاحڪاري تان هٽايو هو اهڙي شموليت کانپوءِ سانگهڙ ضلعي ۾ بااثر سياسي خاندان پهريون ڀيرو ورهائجي ويو، سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيري مرحوم شاهنواز جوڻيجو جي فوت ٿيڻ کانپوءِ سندس ڀاءُ روشن جوڻيجو 3 ڀيرا ايم اين اي چونڊيو هو، هن ڀيري روشن جوڻيجو پنهنجي پٽ علاءُ الدين جوڻيجو کي ٽڪيٽ ڏيڻ تان اعتراض ڪيو ويو هو، جي ڊي اي ۾ شامل ٿيندڙ محمد خان جوڻيجو اين اي 209 کپرو سانگهڙ مان جي ڊي اي جي ٽڪيٽ سان مقابلو ڪندو اهڙي اعلان کانپوءِ پ پ جي سياسي حلقن ۾ مايوسي واري لهر ڇانيل آهي، ملاقات جون تصويرون سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ڪيون ويون آهن.