اسلام آبا د ( م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جهلم مان عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. احتساب عدالت کان اجازت ملڻ کانپوءِ فواد چوڌري نامزدگي ڪاغذن تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته چونڊ معاملا سنڀالڻ لاءِ سندس ڀاءُ فراز احمد کي مختيار خاص مقرر ڪيو ويو آهي. احتساب عدالت ۾ پيشي دوران اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جيل مان چونڊ وڙهڻ بابت مناسب حڪمن جي درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته مان عدالتي حراست ۾ سينٽرل اڊيالا جيل ۾ آهيان، اليڪشن وڙهڻ لاءِ اميدوار طور جيل ۾ آهيان. مان پنهنجي ڀاءُ فراز احمد کي اسٽامپ پيپر جي جاري ٿيڻ ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي ٻين معاملن لاءِ پاور آف اٽارني مقرر ڪرڻ چاهيان ٿو. عدالت فواد چوڌري جي درخواست منظور ڪندي چونڊ نامزدگي ڪاغذن تي درخواست داخل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ فواد چوڌري عدالتي ڪمري ۾ اسٽيمپ پيپرز ۽ ٻين دستاويزن تي صحيحون ڪيون. عدالتي ڪمري ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي فواد چوڌري چيو ته هو جهلم جي ٻنهي سيٽن تان اليڪشن وڙهندو. هن واضح ڪيو ته سندس گهرواري حبا فواد چوڌري ۽ ڀاءُ فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ ئي چونڊ مهم هلائيندا.