لاهور ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حسان نيازي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جنهن کانپوءِ سندس ماءُ نامزدگي ڪاغذن تي صحيح ڪرڻ جي اجازت لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ وفاقي ۽ پنجاب حڪومت ۽ ڪمانڊنگ آفيسر کي ڌر بڻايو ويو ۽ موقف اختيار ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن اليڪشن شيڊول جو اعلان ڪيو آهي، حسان نيازي نااهل ۽ نه ئي سزا يافته آهي. هن استدعا ڪئي ته هاءِ ڪورٽ حسان نيازي کي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو عمل مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ۽ نامزدگي ڪاغذن جي تصديق ۽ دستخط لاءِ اوٿ ڪمشنر حسن نيازي سان ملاقات ڪري.