لاهور ( م ڊ ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر اعواڻ جو چوڻ آهي ته پارٽي قائد نواز شريف قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 15 تان اليڪشن وڙهندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر چيو ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف اين اي 15 مانسهره مان وڙهندو. هن چيو ته اڄ نواز شريف نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندو. ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر وڌيڪ چيو ته مانسهره مان ايم اين اي بڻجي نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجندو، نواز شريف وزيراعظم بڻجي خيبرپختونخواهه جي 24 سالن جي محرومين جو ازالو ڪندو. هن اليڪشن نه وڙهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته مريم نواز پنجاب مان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تان چونڊ وڙهندي. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته امير مقام خيبرپختونخواهه جو ايندڙ وڏو وزير هوندو. ياد رهي ته قومي اسيمبلي جو حلقو اين اي 15 مسلم ليگ ن جو مضبوط حلقو سمجهيو ويندو آهي، 2018ع جي چونڊن ۾ هن تڪ تان ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جو ڀاءُ کٽيو هو، جڏهن ته 2013ع ۾ ان ئي تڪ تان ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کٽيو هو.