ميڊيا ۾ تڪبندين بابت غلط خبرون پکيڙيون پيون وڃن: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد ( م ڊ )  اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو چوڻ آهي ته ميڊيا ۾ تڪبندين  بابت غلط خبرون پکيڙيون پيون وڃن.  پڌرائي  ۾ اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته تڪبندين جا اصول اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۽ ضابطن تحت واضح آهن. اليڪشن ڪميشن موجب صوبي جي آبادي کي الاٽ ٿيل سيٽن ۾ ورهايو ويندو آهي، پوءِ هر سيٽ جو ڪوٽا طئي ڪيو ويندو آهي. پڌرائي ۾ اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ضلعن جي سيٽن جي تعين لاءِ ضلعي جي آبادي جي حساب سان ڪوٽا ورهائي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جي اعلان موجب جيڪڏهن ڪنهن ضلعي ۾ سيٽون الاٽ ڪرڻ کانپوءِ باقي آبادي 0.5 کان گهٽ هجي ته ان کي نظرانداز ڪيو ويندو. پڌرنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن آبادي 0.50 کان وڌيڪ آهي ته ان ضلعي کي هڪ سيٽ الاٽ ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنهنجي اعلان ۾ پڌرائي ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ضلعي ۾ سيٽن جو حصو 4.49 آهي ته ان کي 4 سيٽون ڏنيون وڃن ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.