ڪراچي ( رپورٽر ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي ترجمان سائرا بانو قومي اسيمبلي جي جنرل سيٽ تان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري سائرا بانو کي جنرل سيٽ تان وڙهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، سائرا بانو اين اي 210 ٽنڊي آدم تان جي ڊي اي جي اميدوار هوندي. سائرا بانو هن تڪ تان پ پ جي روشن جوڻيجو جو مقابلو ڪندي، هوءَ تڪ تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کانپوءِ چونڊ مهم شروع ڪندي.