عمران خلاف ڪيس ٻڌندڙ جج جي گاڏي تي فائرنگ، جوابدار گرفتار

راولپنڊي(م ڊ) عمران خلاف ڪيسن سميت اهم ڪيس  ٻڌندڙ احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته احتساب عدالت جو جج اڊيالا جيل مان عمران خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪري واپس اچي رهيو هو ته فائرنگ ڪئي وئي. پوليس ذريعن موجب ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ۾ احتساب عدالت جي جج جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي، پي اي ايف چوڪ وٽ مبينا طور تي هارلي اسٽريٽ جي رهواسي شان علي فائرنگ ڪئي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته فائرنگ سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.  هوڏانهن پوليس چيو ته جج تي فائرنگ ناهي ٿي، جوابدار پنهنجي گهر وارن سان اٽڪي پيو. هو نشي جو عادي هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.