وڪيل تنظيمون چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ ڇو سرگرم ؟

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پاڪستان بار ايسوسيئيشن، سپريم ڪورٽ بار ۽ سنڌ بار جو اليڪشن ڪمشنر خلاف اوچتو سرگرم ٿيڻ پٺيان چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي هڪ ٻي سازش  محسوس ٿي رهي آهي، نامياري صحافي عاصمه شيرازي جو چوڻ آهي ته ن ليگ سميت اهم سياسي پارٽيون چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي حق ۾ نه آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين گوهر خان به بار ايسوسيئيشن جي سرگرميءَ کان لاتعلقي ظاهر ڪئي آهي،ڪجهه ذريعا وڪيل احسن ڀون طرف اشارو ڪري رهيا آهن ته ان سازش پٺيان ان جو هٿ آهي پر ان جي به تصديق نه ٿي آهي. اسٽيبلشمينٽ جي جن ذريعن سان ڳالهه ٿي آهي. انهن به وڪيل تنظيمن جي تحرڪ تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو آهي،سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخرڪار ڪهڙيون قوتون ان سازش پٺيان آهن، وڪيل اڳواڻ سردار شوڪت جيڪو پرڏيهه ويل آهي. ان به بار جي بيان سان لاتعلقي ظاهر ڪئي آهي.آخرڪار بار ايسوسيئيشنز ڇو اليڪشن ڪمشنر کي تڪبندين جي آڙ  ۾ تڪراري بڻائڻ چاهين ٿيون، ان حوالي سان کوج جاري آهي. ڄاڻ پوڻ تي عوام کي ضرور آگاهه ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.