چونڊن ۾ دير سان سياسي بي يقيني وڌي ٿي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سپريم ڪورٽ تڪ بندين بابت بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس منصور علي شاهه حڪم نامي ۾ لکيو ته چونڊون تڪ بندين جي تڪرارن کان وڌيڪ اهم آهن، چونڊون جمهوريت جو بنيادي جز آهن.جج جمهوريت ۽ آئين جو نگهبان آهي، هن لکيو ته اليڪشن شيڊول اچڻ کانپوءِ  چونڊ عمل ۽ جمهوريت کي ڊي ريل نٿو ڪري سگهجي.عوام جو اعتماد چونڊن ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو، چونڊن جي تاريخ کان پوءِ چونڊ تڪرارن جو فوري حل ضروري آهي.سپريم ڪورٽ جي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته چونڊن ۽ لاڳاپيل تڪرارن ۾دير سان جمهوريت تي عوامي اعتماد کي ڇيهو پهچي ٿو ،چونڊن ۾ دير سان سياسي ڇڪتاڻ  ۽ سياسي ماحول به عدم استحڪام جو شڪار ٿئي ٿو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.