ڳاڙهو (ن ع آ) ڳاڙھو ويجھو حاجاڻا اسٽاپ وٽ ٻن جوابدارن جي ڳورھاري عورت سان مبينا زيادتي، ھڪ ڄڻو گرفتار، ڳاڙھو ويجھو جوهو روڊ لڳ حاجاڻا اسٽاپ وٽ نورو ملاح جي ڳورهاري گھرواريءَ سان گل محمد عرف گُلي جت ( يوسي محل ) ۽ موسي خاصخيلي جي مبينا اجتماعي زيادتي ڪئي، ڳاڙھو ٿاڻي تي جوابدارن خلاف پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو، زيادتي جو شڪار مسمات تسليم ملاح ٻڌايو ته گل محمد عرف گُلي جت ۽ موسيٰ خاصخيلي نشي ۾ ڌت ٿي سندس مڙس جي غير موجودگيءَ ۾ گهر اندر داخل ٿي مٿس تشدد ڪيو ۽ زيادتي جو نشانو بڻايو، ھن چيو ته جوابدارن ظلم ڪيو آهي، حياتي کي خطرو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.