ڊاڪٽر ياسمين جو نواز شريف سان مقابلي جو اعلان

لاهور (عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف جي جيل ۾ قيد اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد نواز شريف سان چونڊ ۾ مقابلي جو اعلان ڪيو آهي،  نامياري صحافي منصور علي خان کي ڏنل پيغام ۾ ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو آهي ته هوءَ صوبائي تڪ تان به چونڊ وڙهندي، پيغام ۾ وڌيڪ  چيو ويو آهي ته جڏهن کان نامزدگي فارم وصول ڪرڻ شروع ڪيا ويا آهن ته اسان جي تڪن ۾ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. ان باوجود چونڊن ۾ ڄمي مقابلو ڪيو ويندو. ان کان اڳ پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت لاهور ۾نواز شريف جو مقابلو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. ڏسجي ته نواز شريف جو ڪير مقابلو ڪري ٿو.

  •  چونڊ ۾ مريم نواز جي شڪست ۽ صنم جاويد جي سوڀ جا امڪان

لاهور (عوامي آواز نيوز) لاهور جي صوبائي تڪ 150 تي نواز شريف جي نياڻي مريم نواز کي چونڊن ۾ شڪست ٿي سگهي ٿي. نامياري تجزئي نگار سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته مريم نواز جي شڪست جو ڪارڻ پي ٽي آءِ جي قيدياڻي صنم جاويد جو مشهور هجڻ نه آهي. مسئلو اهو آهي ته مريم نواز اصل ۾ پنهنجي والد جي سياسي ميراث جي وارث بڻجي چڪي آهي ۽ عوام به مريم نواز جي اڳواڻي قبول ڪري چڪو آهي. اها ڳالهه اسٽيبلشمينٽ کي پسند نه آهي، ڇو ته اسٽيبلشمينٽ ۾ مريم نواز  خلاف وڏي نفرت آهي. ان ڪري هر  سطح تي مريم نواز جي رستا روڪ ڪئي ويندي ۽  سندس مقابلي ۾ صنم جاويد جي ڪاميابي قبول ڪئي ويندي. ان ڪري مريم نواز کي انتهائي خبرداري ۽  هوشياري سان مقابلو ڪرڻو پوندو ٻي صورت ۾ صنم جاويد چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.