جيڪب آباد (رپورٽ: حضور بخش سومرو )عام چونڊن جي سلسلي ۾ مختلف سياسي پارٽين جي اميدوارن ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيس جيڪب آباد مان نامزدگي فارم وصول ڪيا آهن. قومي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ محمد ميان سومرو، اعجاز حسين جکراڻي، ڊاڪٽر اي جي انصاري، مير اصغر خان پنهور، خالد نواز جکراڻي، اورنگزيب پنهور، سردار قادر کوسو ۽ مسمات ايران نوشين رياض نامزدگي فارم وصول ڪيا. جڏهن ته پي ايس 01 جيڪب آباد لاءِ شير محمد مغيري، طاهر رند، لياقت علي لاشاري، اورنگزيب پنهور، شجاع الله پنهور، اصغر پنهور، راجا خان جکراڻي، عبدالجبار رند، سردار قادر کوسو، غضنفر علي سومرو، ديدار علي لاشاري ۽ رحمت الله کوسو نامزدگي فارم وصول ڪيا، جڏهن ته پي ايس 02 ٺل جي سيٽ لاءِ ڊاڪٽر سهراب سرڪي، شفيق احمد کوسو، مولا بخش کوسو، محسن خان سرڪي، عبدالحفيظ بجاراڻي، نواب علي ڀٽي ۽ شاهجهان بنگلاڻي نامزدگي فارم ورتا. پي ايس 03 ڳڙهي خيرو واري سيٽ لاءِ ممتاز خان جکراڻي، مير اعجاز خان جکراڻي، سجاد خان جکراڻي، اورنگزيب پنهور ۽ شفقت خان جکراڻي نامزدگي فارم ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيس جيڪب آباد مان حاصل ڪيا آهن.