جهانگير ترين جي ڌيءَ مهر طرفان فارم وصول، شيخ رشيد جمع ڪرايا

لوڌران ( م ڊ ) استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ  پي پي) جي سربراهه جهانگير ترين جي قانوني ٽيم سندس ڌيءَ مهر خان ترين جا نامزدگي ڪاغذ وصول ڪيا. مهر خان ترين طرفان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 155 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي پي 227 تان نامزدگي ڪاغذ وصول ڪيا ويا. جهانگير ترين ۽ سندس پٽ علي ترين پهريان ئي اين اي 155، پي پي 227 ۽ پي پي 228 تان نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪري چڪا آهن. ٻئي پاسي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد ۽ شيخ راشيد شفيق اين اي 56 ۽ اين اي 57 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.