ڏهرڪي (رپورٽ : اسد لغاري ) ڏهرڪي جي امام بارگاهه محلي واسڻ ناري ٽن ٻارن جي ماءُ سعيده سومرو بااثر پاران دوستي لاءِ تنگ ڪرڻ تان آپگهات ڪري ڇڏيو. ناري سندس امڙ تاج سومرو سان گڏجي سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان به ڏنو هو، وڊيو ۾ ناري جو چوڻ هو ته نوجوان حميد چاچڙ دوستي لاءِ تنگ ڪري ٿو، جنهن سبب اسپتال ۾ نوڪري ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن ناري سعيده سومرو زهريلي دوا پي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. ناري جي وارثن رکي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي ناري جي امڙ تاج سومرو چيو ته حميد چاچڙ ڌيءُ سعيده کي دوستي لاءِ تنگ ڪندو هو، حميد ڌمڪيون ڏيندو هو ته سعيده دوستي نه رکندي ته کيس نه ڇڏيندس. ناري جي امڙ چيو ته ٽي ڏينهن اڳ ڏهرڪي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي پر پوليس حميد چاچڙ کي گرفٿار نه ڪيو، سعيده جي مڙس حميد سومرو چيو ته غريب آهيون، حميد چاچڙ زال کي تنگ ڪندو هو. ناري جي وارثن پاران جوابدار جي گرفتاري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو جڏهن ته حميد سومرو جي فرياد تي حميد چاچڙ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. هوڏانهن الزام هيٺ آيل پوليس حميد چاچڙ پوليس تحويل ۾ هجڻ دوران ٻڌايو ته سندس ڪو به ڏوهه ناهي، سعيده وارن جي ڪجهه ڏينهن موٽر سائيڪل پوليس ڪاهي وئي هئي، هنن چيو ته واپس ڪرائي ڏي.جوابدار موجب سعيده جو مڙس کيس اسپتال مان کڻي اچڻ لاءِ چوندو هو ۽ سندس چوڻ تي سعيده کي اسپتال مان کڻي ايندو هئس، هن چيو ته سعيده جي مڙس بليڪ ميل ڪيو ۽ هو ٻين کي به بليڪ ميل ڪندو آھي.