ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور جي سنگل بينچ سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ فرنيچر جي مد ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ فرنيچر جي فراهمي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت پنهنجي حڪم چيو ته صوبي جي ڪيترن اسڪولن ۾ فرنيچر آهي ۽ ڪيترن اسڪولن ۾ ناهي؟ تفصيلي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي، عدالت عمرڪوٽ ضلعي ۾ فراهم ڪيل ڊيسڪن جو معائنو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ڊائريڪٽر ميرپورخاص، ڪانٽريڪٽر، ايڊيشنل ڊائريڪٽر پلاننگ ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ ڊيسڪن جو معائنو ڪندا، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ڪانٽريڪٽر پاران فراهم ڪيل ڊيسڪن جو معائنو ڪري معيار چيڪ ڪيو وڃي، ڊيسڪن جي انسپيڪشن ۾ دير نه ڪئي وڃي، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته عدالتي رڪارڊ موجب سنڌ ۾ 40 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، لکين ٻار خانگي اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، انهن ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي، سنڌ حڪومت انهن ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ ترجيجي بنيادن تي قدم کڻي، حڪومت کي گهرجي ته ٻارن جي تعليم ۾ ڪابه رڪاوٽ نه ٿيڻ ڏئي، عدالت ۾ تعليم کاتي جي سيڪريٽري چيو ته سنڌ حڪومت 40لک ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل اسڪولن جي به مرمت ڪئي پئي وڃي.