بندش پيل بلوچ ويڙهاڪ تنظيم جو ڪمانڊر 70 ساٿين سميت قومي ڌارا ۾ شامل

ڪوئيٽا (م ڊ) بندش پيل بلوچ نيشنل آرمي (بي اين اي) جو اڳوڻو ڪمانڊر سرفراز بنگلزئي 70 ساٿين سميت قومي ڌارا ۾ شامل  ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي اطلاعات واري نگران وزير جان اچڪزئي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بي اين اي جي اڳوڻي ڪمانڊر سرفراز بنگلزئي انڪشاف ڪيو ته بلوچستان جو امن تباهه ڪرڻ لاءِ ڀارت فنڊنگ ڪندو آهي، منشيات فروشي، ماڻهن کي اغوا به ڪيو ويندو آهي. سرفراز بنگلزئي چيو ته ڪجهه ماڻهو ناپاڪ مقصدن لاءِ بلوچ مائرن، ڀينرن ۽ بلوچ نوجوانن کي رياست خلاف استعمال ڪري رهيا آهن، جنگ ۾ عورتن کي به ڌڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي سرزمين کان پري رهڻ تي پڇتاءَ کانسواءِ ڪجهه ناهي، هتي اچي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، باقي ماڻهو به ان انتظار ۾ آهن ته رياست انهن جي آجيان ڪندي. سندس چوڻ هو ته وڏا نقصان ٿيا آهن، والدين کي به پيغام آهي ته ٻارن کي اهڙي ماحول کان پري رکن، بندوق مسئلي جو حل ناهي، والدين ٻارن کي تعليم ڏين. ان موقعي تي جان اچڪزئي چيو ته بي اين اي ڪمانڊر 70 ساٿين سميت قومي ڌارا ۾ شامل ٿيو آهي، بغاوت ڇڏي واپس ايندڙن جي رياست آجيان ڪندي .

9مئي، پي ٽي آءِ جي 63 اڳواڻن جا وارنٽ جاري، نامزدگي ڪاغذ رد ڪرائڻ جو فيصلو

راولپنڊي (م ڊ ) جي ايڇ ڪيو گيٽ حملي ڪيس ۾ پنڊي پوليس پي ٽي آءِ جي 63 اڳواڻن جا وارنٽ حاصل ڪري ورتا آهن، پوليس سمورن جوابدارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري کين گرفتار ڪرڻ لاءِ سمورن ريٽرننگ آفيسرن کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خابرو اداري موجب ڪيس جي جاچ آفيسر انسپيڪٽر سيد ناظم حسين دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ حاصل ڪرڻ جي درخواست ڏني آهي. درخواست ۾ پوليس پاران زرتاج گل، عمر ايوب، ميان فرخ حبيب، حماد اظهر، زلفي بخاري، زين قريشي، عثمان ڊار، ڪرنل اجمل صابر راجا ۽ ٻين جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن خلاف ثبوت اچي ويا آهن، هي ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتاري کان بچڻ لاءِ ڄاڻي واڻي لڪي رهيا آهن، انهن خلاف 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو جي دروازي تي حملي جو ڪيس آر اي بازار ٿاڻي تي داخل آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.