ڪراچي(سوشل ميڊيا ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي بلوچن جي لانگ مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ ماه رنگ بلوچ ڇانيل آهي، خاص طور تي سنڌ ۾ سوشل ميڊيا صارف قومي قيادت تي تنقيد ڪندي بلوچ نياڻي ماه رنگ بلوچ کي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن، دستگير ڀٽي لکيو ته ملڪ کي کائي چٽ ڪندڙ شھر اسلام آباد ۾ بلوچستان جي بھادر نياڻين واري پرامن جلوس تي فائرنگ،لٺين جو وسڪارو ۽ ڳوڙها گيس ڪلاڪن کان جاري آھي پر احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ ماھ رنگ بلوچ پوئتي ھٽڻ کان اھو چوندي انڪارڪيو آهي ته "حڪمرانو!توهان اسان جي رت پگهر جي ڪمائيءتي پلجندڙ آهيو،بيشڪ ماري ڏسو،رخسانه هاليپوٽو لکيو ته جيتري شدت سان بلوچ عورتون ڌرتي لاءِ نڪرن ٿيون ، ايتري شدت سان سنڌ جون عورتون سنڌ جي سرزمين جي نيلامي تي خاموش آھن،انصاف ميڊيا سيل لوئر دير پاران لکيو ويو ته اسلام آباد طرف هزارين بلوچ ڀائرن جو پرامن لانگ مارچ جاري آهي.دنيا جو هر انقلاب عورت کان سواءِ نامڪمل آهي، جتي عورت انقلابي آهي اتي باغي هميشه پيدا ٿيندا آهن.عاصمه ابڙو لکيو ته ڀاءُ ۽ والد جي قتل کان پوءِ ٻين جا ڀائر ۽ پٽ بچائڻ لاءِ نڪتل بلوچ قافلي جي سپه سالار ڪامريڊ ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ ڌرتي ۽ ڌنارن جي عشق ۾ دنيا جا سڀ خوف لتاڙي پاڻ ملهايو کيس قومي سلام پيش ڪجي ٿو،علي لانگاهه لکيو ته غيرتمند بلوچ عورتن جي قومي مزاحمتي جدوجهد قومي غيرت کي هزارين سلام. ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ جهڙيون باشعور باوقار اڳواڻ نياڻيون قومن جو شان هونديون آهن،عائشه ڌاريجو لکيو ته ٿي تند وڙهي تلوارن سان،سنڌو نواز گهانگهرو لکيو ته اسان سنڌين کي ھاڻي پنھنجي ڌرتي بچائڻ لاءِ نياڻين جي تربيت ڪرڻي پوندي، مزاحمت کان سواءِ ٻي ڪا به واٽ نه آھي ،سميرا سنڌي لکيو ته بلوچ عورت کي جدوجهد جو اُتساھ بلوچ مرد ڏنو هن کي اڳواڻي بلوچ مرد ڏني آهي، اسان وٽ سڀ پنهنجون مايون پردن ۾ رکن باقي ٻين جون مايون هنن کي روڊن تي به کپن سياست ۾ به کپن منهنجو بلوچ مرد کي سلام آهي جنهن گهر جي عورت کي اڳواڻي ڏئي پاڻ محافظ ٿي گڏ هلن پيا.