اسلام آباد(بيورو+م ڊ) اٽارني جنرل آف پاڪستان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت فوج جي ڳجهي اداري آءِ ايس آءِ يا ايف آءِ اي ۽ آءِ بي سميت ڪنهن ٻئي سرڪاري اداري يا ايجنسي کي اجازت نه ڏني آهي ۽ جيڪڏهن ڪو به سرڪاري ادارو اجازت کانسواءِ اهڙي رڪارڊنگ ٺاهڻ غير قانوني آهي،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ستار بابر آڊيو ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا آهن ته جيڪو به حڪومتي نمائندو اچي ٿو چوي ٿو آڊيو ٽيپ جي اجازت نه آهي، سوال اهو آهي ته پوءِ اهو ڪير ۽ ڇو ڪري رهيو آهي؟ وفاقي حڪومت فيصلو ڪري ته تماشو لڳائيندي يا جواب ڏيندي، حڪومت عدالت کي نه ٻڌايو ته پوءِ قومي ۽ بين الاقوامي معاون مقرر ڪنداسين،جسٽس بابر ستار بشريٰ بي بي ۽ سندس وڪيل لطيف کوسا وچ ۾ ٿيل مبينا ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ليڪ ۽ وائرل ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي هلائي، اٽارني جنرل چيو ته آءِ ايس آءِ جي رپورٽ مطابق سوشل ميڊيا جي پليٽ فارمز تان رپورٽ وٺڻي پوندي، تڏهن ئي جاچ اڳتي وڌي سگهي ٿي، عدالت پي ٽي اي، ايف آءِ اي ۽ ٻين کي ٻيهر جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي