عوام کي 22 ارب 29 ڪروڙن جو جهٽڪو، بجلي وڌيڪ مهانگي

اسلام آباد (م ڊ) بجلي واهپيدارن لاءِ بُري خبر آهي ته سڄي ملڪ ۾ بجلي مهانگائي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته وڌيڪ بجلي مهانگي ڪرڻ جي ٻي درخواست به داخل ڪرائي وئي آهي. نيپرا سڄي ملڪ ۾ بجلي هڪ رپيو  15 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، بجلي جي اگهن ۾ واڌ پهرين ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي. نيپرا جو چوڻ آهي ته واهپيدارن کي واڌو ادائيگيون جنوري کان مارچ 2024 تائين ڪرڻيون پونديون، ان سان واهپيدارن تي 22 ارب 29 ڪروڙ 70 لک رپين جو واڌو بار پوندو.بجلي اگهن ۾ اها واڌ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي به لاڳو ٿيندي. هوڏانهن مهانگائي سبب عوام تي هڪ ٻيو بجليءَ وارو بم ڪيرائڻ جي تياري ڪئي وئي آهي. بجلي 4 رپيا 66 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي، سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي نيپرا کي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. نيپرا موجب اها واڌ نومبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ طلب ڪيو ويو آهي. نيپرا ۾ درخواست جي ٻڌڻي 27 ڊسمبر تي ٿيندي. نيپرا کان منظوري ملڻ جي صورت ۾ صارفين تي 40 ارب رپين جو اضافي بار پوندو، امڪاني واڌ جو اطلاق بجلي صارفين تي نه ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.