ثاقب نثار جي گهر جي گيراج ۾ڪريڪر ڌماڪو، 2 پوليس اهلڪار زخمي

لاهور (م ڊ ) سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي گهر جي گيراج ۾ ڪريڪر ڌماڪو ٿيو. ريسڪيو ذريعن موجب ڌماڪو اڳوڻي چيف جسٽس جي رهائشگاهه احمد بلاڪ گارڊن ٽائون ۾ ٿيو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا. ذريعن موجب ڌماڪي وقت ثاقب نثار گهر ۾  موجود هو. واقعي تي رد عمل ظاهر ڪندي ثاقب نثار چيو ته گهرڀاتي خيريت سان آهن، ڪنهن گهر اندر ڪا شيءِ اڇلائي جنهن سان ڪار تباهه ٿي وئي. اڳوڻي چيف جسٽس چيو ته ٻاهر بيٺل گارڊ ۽ ملازم ٿورا زخمي ٿيا آهن، اڃا خبر ناهي ته اندر ڇا اڇلايو ويو، پوليس جي جاچ کانپوءِ ئي ڪجهه چئي سگهجي ٿو.هن چيو ته اميد آهي ته جوابدار جلد پڪڙيا ويندا، جاچ ۾ خبر پوندي ته ڌماڪو ڪنهن ڪيو ۽ ڪهڙو مقصد هو.  آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور واقعي جو نوٽيس وٺندي سي سي پي او لاهور کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. آءِ جي پنجاب ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. پنجاب پوليس جي ترجمان موجب اڳوڻي چيف جسٽس جو خاندان مڪمل طور تي محفوظ آهي، جڏهن ته آءِ جي پنجاب واقعي جي سمورن رخن کان جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پنجاب پوليس جي ترجمان موجب پوليس ڪانسٽيبل عامر ۽ ڪانسٽيبل خرم معمولي زخمي ٿي پيا، سي سي پي او لاهور بلال صديق، ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور، ايس ايس پي آپريشنز سميت اعليٰ پوليس آفيسر واقعي واري هنڌ پهچي جائزو ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.