مٺي(رپورٽ:غازي بجير)سنڌ جو نگران وڏي وزير جسٽس ر مقبول باقر ٿر پهچي ويو،مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي اسپتالن،اسڪولن ۽ آر او پلانٽ جا اوچتا دورا،انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو. سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس رٽائر مقبول باقر ڪالھ ٻن ڏينهن جي ٿر جي دوري تي ٿر پهچي ويو، جتي هن اسلام ڪوٽ ۽ مٺي جي اسپتالن،اسڪولن ۽ آر او پلانٽس جا اوچتا دورا ڪيا، وڏو وزير مائي بختاور ائرپورٽ ذريعي اسلام ڪوٽ پهتو جتي هن اسڪول،اسپتالن توڙي آر او پلانٽ جا اوچتا دورا ڪري لاڳاپيل انتظاميه کي فوري مسئلا حل ڪرڻ جون سخت هدايتون ڏنيون. ان سلسلي ۾ نگران وڏو وزير شاھ لطيف ھائر سيڪينڊري اسڪول جو اوچتو دورو ڪيو. اسڪول جي دوري دوران هن ڏهين ڪلاس جو وزٽ ڪيو جتي هن شاگردن سان انگلش ۾ سوال جواب پڇيا ڪو به شاگرد وڏي وزير کي انگلش ۾ جواب نه ڏيئي سگهيو. بعد ۾ نگران وڏي وزير رورل هيلٿ سينٽر اسلام ڪوٽ جو دورو ڪيو جتي هن ميل وارڊ سميت ايمرجنسي وارڊ جو دورو ڪيو،ايمرجنسي وارڊ ۾ بيڊ گهٽ ۽ آڪيسيجن ڊرم نه هجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايمرجنسي وارڊ ۾ 3 بيڊ آهن هن پي پي ايڇ آءِ کي وضاحت پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيا. هن آر ايڇ سي اسلام ڪوٽ کي ڏنل اضافي رقم واپس وٺڻ جي هدايت ڪئي. نگران وڏو وزير اسپتال کان ٻاھر لوھار محلا ۾ گندگيء جا ڍير ڏسي گاڏي مان لھي آيو. ڊي سي ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي کي سڏي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته هي شهر جي حالت آهي گهرن جي ڀرسان گندگي جا ڍير لڳل آھن جيڪا شرم جھڙي ڳالھ آھي. نگران وڏي وزير اسلام ڪوٽ ۾ بند پيل ايشيا جي ٻئي وڏي آر او پلانٽ جو دورو ڪيو وڏي وزير سنڌ اوسلو ڪمپني خلاف انڪوائري جو حڪم ڏيندي اوسلو مان رقم وصولي جي هدايت پڻ ڪئي. نگران وڏو وزير جانورن جي اسپتال جو پڻ دورو ڪيو جتي کين چوپايو مال توڙي هلندڙ وئڪسين مهم توڙي سهوليتن جي اڻاٺ بابت بريفنگ ڏني
-
آر او پلانٽن ۾ ناڪامي تي ڪاوڙ، اوسلو ڪمپني خلاف انڪوائري جو حڪم
مٺي:ٿر ۾ 834 آر او پلانٽس مان 555 غير فعال،وڏي وزير پاران ٺيڪي تي ڏنل اوسلو ڪمپني خلاف انڪوائري ۽ وصولي جو حڪم ڏئي ڇڏيو،نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس (ر) مقبول باقر 2 ملين گيلن ريور اوسموسس پلانٽ مٺي ۽ 1.5 ملين گيلن آر او اسلام ڪوٽ جو دورو ڪيو پر ٻئي پلانٽ غير فعال هجڻ تي هن ڪانٽريڪٽر ڪمپني اوسلو جي خلاف دير ٿيڻ واري انڪوائري مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ته جيئن ڪمپني خلاف ڪارروائي ڪري 380 ملين رپيا ۽ بجلي جي بقايا جا 80 ملين روپيا ڊفالٽ ڪندڙ ڪمپني کان وصول ڪيا وڃن،وڏي وزير سنڌ سولر ڊي سيلينيشن پلانٽ ڪامپليڪس مٺي جو دورو ڪيو جڏهن ته آر او پلانٽ غير فعال مليو،جنهن تي وڏي وزير سنڌ جي پڇا ڳاڇا تي ٻڌايو ويو ته پلانٽ گذريل 8 سالن کان غير فعال آهي ۽ لڳ ڀڳ اڪثر سولر پينل به غائب آهن،وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته توانائي کاتي جي انتظام هيٺ ايشيا جي سڀ کان وڏي سولر ڊي سيلينيشن پلانٽ ڪمپليڪس مٺي جو افتتاح جنوري 2015ع ۾ ڪيو ويو هو،پلانٽ هڪ ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ کان علاوه پيئڻ جو پاڻي به فراهم ڪرڻ هو،جنهن مان مٺي شهر ۽ ٻين 100 ڳوٺن جي ماڻهن کي فائدو پهچائڻو هو،بعد ۾ ان ۾ ڪم ڪندڙ فعال حالت ۾ پي ايڇ اي ڊي ٿرپارڪر حوالي ڪيو ويو پر لاپرواهي سبب مشينري کي زنگ لڳي ويو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪجهه زنگ لڳل سامان کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي پر ان ۾ 80 ملين رپين جون بجلي رهتون آهن جيڪي پلانٽ کي فعال ٿيڻ کان اڳ ادا ڪرڻا پوندا ، جنهن تي وڏي وزير چيو ته پلانٽ تي نجي اداري اوسلو پاران ڪيل خرچن جي فرانزڪ آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي،
-
اسپتال جي ڪينٽين ۾ گندگي، مريضن لاءِ گهٽ کاڌو
مٺي: وڏي وزير جي دوري دوران اسپتال جي ڪئنٽين ۾ 90 مريضن بدران صرف 40 مريضن جو کاڌو ٺهيل مليو،وزير اعلىٰ اسپتال اندر ڪئنٽين ۾ صفائي نه هجڻ تي سخت ڪاروڙ جو اظهار ڪيو. اسپتال اندر صفائي نه هجڻ،واش روم ۾ گندگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو،
-
وٽرنري کاتي پاران وڏي وزير کي غلط بريفنگ جا اطلاع
مٺي:وٽرنري کاتي ڪوڙ جو رڪارڊ قائم ڪري ورتو،وڏي کي کي ڪوڙن انگن اکرن جي بريفنگ ڏني وئي،وڏي وزير ڊاڪٽر ٽي ايف جمال ويٽرنري ڊسپينسري جو پڻ دورو ڪيو ۽ او پي ڊي رڪارڊ چيڪ ڪيو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته هو شڪايتون ملڻ تي گهرن ۾ چوپايو مال به چيڪ ڪندو آهي .وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اسلام ڪوٽ ۾ مختلف ڍورن جو وڏو تعداد موجود آهي،ان ۾ 143445 ڳئون، 7866 مينهون ، 304716 رڍون، 407404 ٻڪريون، 24358 اُٺ، 43730 گڏهه ۽ 900 گھوڙا آهن،
-
اسلام ڪوٽ هاءِ اسڪول ۾ 1671 شاگردن لاءِ صرف 19 استاد، وڏي وزير کي حيرت ۽ ڪاوڙ
مٺي:وڏي وزير گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول اسلام ڪوٽ جو دورو ڪيو،جنهن ۾ 1671 انرولمينٽ آهن پر رڳو 19 استاد آهن. وڏي وزير ڪلاس روم جو دورو ڪيو جتي ڪو به ٻار انگريزي ٻولي ۽ سائنس جي بنيادي سوالن جا جواب نه ڏئي سگهيو. وڏي وزير ڊائريڪٽر ايجوڪيشن کان اسڪول بابت پڇاڻو ڪيو پر هن ڪڏهن به اسڪول جو معائنو نه ڪيو. ان موقعي تي اسڪول جي ليبارٽري جي زبون حال معلوم ڪئي وئي جڏهن ته عملي طور تي ڪو به ڪم نه ڪيو ويو، ڪمپيوٽر ليب ۾ ڪمپيوٽر ته موجود هئا پر آئي ٽي ٽيچر کانسواءِ ڪو به ناهي، ڪجهه ڪمپيوٽر سسٽم 2008 کان ليب ۾ پيل آهن.وڏي وزير چيو ته اسڪول ۾ 30 شاگردن لاءِ هڪ استاد هجڻ گهرجي پر ڊائريڪٽر ڪڏهن به اسڪول جو دورو ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي جنهن ڪري اسڪول ۾ شاگردن کي سخت مشڪلات پيش اچي رهي آهي جنهن ڪري ٻارن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. وڏي وزير تعليم واري وزير ۽ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن سان ڳالهايو ۽ سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو.
-
وڏو وزير مارئي جي ڳوٺ ڀالوا پهتو، روڊ جو افتتاح
مٺي: وڏو وزير مارئي جي ڳوٺ ڀالوا پهچي دورو ڪيو ۽ ڏيپلو پهچي روڊ جو افتتاح ڪيو،جنهن بعد وڏو وزير مٺي پهتو،جتي سول اسپتال ۽ آر او پلانٽ جو دورو ڪيو،وڏي وزير مٺي ۾ ٺهيل فيملي پارڪ جو افتتاح ڪيو.