گهريلو ملازمه سونيا قتل ڪيس، درخواست گذار وڪيل تبديل ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر جي عدالت ۾ گهر ۾ ڪم ڪندڙن سونيا سان مبينا زيادتي ۽ قتل ڪرڻ واري  ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد جوابدار علي حاشر عدالت ۾ پيش ٿيو، درخواستگذار پنهنجو وڪيل تبديل ڪري ڇڏيو، ايڊووڪيٽ مسعود احمد پنهنجو وڪالت نامو جمع ڪرايو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 23 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

  • سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊفينس پوليس کي شاهد اسلم جي گم ٿيڻ جي جاچ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گم ٿيل ماڻهن  جي آزادي جي حوالي سان ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ڊفينس پوليس کي گم ٿيل شاهد اسلم جي گم ٿيڻ جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت گهروکاتي کي جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو  آهي، عدالت جنوري جي ٽئين هفتي تائين پوليس ۽ گهروکاتي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .

  • اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 200 فسلطيني شهيد

جنيوا(م ڊ)غزا ۾ اسرائيل بمباري ۾ وڌيڪ 200 فلسطيني شهيد ٿي ويا،يونيسيف) چيو آهي ته  غزا ٻارن  لاءِ دنيا جو سڀ کان وڏو خطرناڪ مقام بڻجي چڪو آهي، جنگ بندي نه ٿيڻ جي صورت ۾ بيمارين سبب معصوم ٻارن جو موت بمباري سبب ٿيل فوتگين کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ  هوندو. يونيسيف جي ترجمان جيمز ايلڊر اڱاري ڏينهن جاري هڪ بيان ۾ خبردار ڪيو ته خوراڪ، پاڻي، پناهگاه ۽ صفائي سٿرائي جي کوٽ ٻارن جي زندگين کي خطري ۾ وجهي رهي آهي ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن محفوظ جڳهه کانسواءِ مسلسل فضائي حملن جو شڪار آهن. غزه جي صحت کاتي جي عملدارن موجب 7 آڪٽوبر کان اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ هن وقت تائين 20 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ڪيا ويا، ۽ 52000 کان وڌيڪ زخمي ٿيا پر طبي سهولتن تائين انهن جي پهچ انتهائي محدود آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.