ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي جو اڳوڻو سربراهه جعلي ڊگري تي گرفتار

ڪراچي (رپورٽر ) ايف آءِ اي ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي جي اڳوڻي چيئرمين شيخ اختر کي جعلي ڊگري ۽ ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار ڪري  ورتو ، ايف آءِ اي سينٽرل ڪورٽ جي جج شاهه رخ ارجمند، شيخ اختر جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت رد ڪئي، ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل، شيخ اختر کي عدالت مان ضمانت رد ٿيڻ بعد گرفتار ڪيو، ايف آءِ اي موجب، اڳوڻي ڊريپ چيئرمين شيخ اختر تي جعلي ڊگري اڍائي ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي، ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته شيخ اختر جعلي ڊگري تي ڊرگ ريگوليٽر اٿارٽي جو سي اي او جي مقرري حاصل ڪئي هئي، ايف آءِ اي ترجمان موجب، ملازمت لاءِ جوابدار جي پيش ڪيل پي ايڇ ڊي جي ڊگري جعلي نڪتي. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار 2018ع ۽ 2019ع دوران سي اي او ڊريپ مقرر رهيو، جوابدار کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.