ميرو خان ۾ نثار کهڙو ۽ ٻين فارم وصول ڪري ورتا

ميروخان (ن ع آ ) ملڪ ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ مختلف پارٽين جي اميدوارن ۽ آزاد اميدوارن طرفان نامزدگي فارم وصول ۽  جمع ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، اليڪشن ڪميشن پاران پي ايس 15 ميروخان لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر ميروخان اياز حسين مشوري کي رٽرننگ آفيسر جڏھن ته مختيارڪار ميروخان عبدالوحيد جوکيو ۽ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر اياز حسين جمالي کي اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو ويو، نامزدگي فارم وصول ڪرڻ جي پھرين ڏينهن تي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار احمد کھڙو، پي ايس 15 جي اڳوڻي ايم پي اي گهنور خان اسراڻ، پيپلز پارٽي قمبر شھدادڪوٽ جي صدر ۽ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين حاجي قمرالدين گوپانگ، سندس ڀاءُ ٽائون ڪاميٽي ميروخان جي وارڊ نمبر1 جي جنرل ڪائونسلر حاجي حزب الله گوپانگ، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر عامر خان گوپانگ، پيپلز پارٽي ضلعي قمبر-شھدادڪوٽ جي جنرل سيڪريٽري ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي وائس چيئرمين غلام محمد اسراڻ، پيپلز ارٽي اڳواڻ مخدوم مگسي، مير ھمايون خان مغيري، جي يو آءِ تعلقي ميروخان جي جنرل سيڪريٽري مولانا منير احمد پنھور، پاڪستان راھ حق پارٽي طرفان حافظ محمد اسحاق چنو سميت 18 کان وڌيڪ اميدوارن طرفان پھرين ڏينھن نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.