ڪوئيٽا (م ڊ) جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جو طريقو رهيو آهي ته جنهن کي اقتدار تائين پهچائيندي آهي پوءِ ان جي ڳچي پڪڙيندي آهي، ڪوئيٽا ۾ عزم نو ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي لياقت بلوچ چيو ته ملڪ جو 85 سيڪڙو قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪن ۾ چونڊ جي حوالي سان مشاورت ڪري ورتي آهي، جماعت اسلامي جو مرڪزي پارلياماني بورڊ جو اجلاس 19 ڊسمبر تي طلب ڪيو ويو آهي، لياقت بلوچ وڌيڪ چيو ته اليڪشن ۾ ليول پليئنگ فيلڊ هجڻ گهرجي، پيپلزپارٽي اسٽيبلشمينٽ جي هٿ جي ڇڙي بڻجي اقتدار تائين پهتي، اهڙي طرح شريف خاندان بار بار ان اسٽيبلشمينٽ جي سهاري قوم تي مڙهيل آهي، عمران خان جو نالو وٺڻ بنا هن چيو ته پي ٽي آءِ باني اوهان به ته اسٽيبلشمينٽ ۽ ڪجهه قوتن جي سهاري سان اقتدار تائين پهتا، اسٽيبلشمينٽ جو طريقو رهيو آهي ته جنهن کي اقتدار تائين پهچائيندي آهي پوءِ ان جي ڳيچي پڪڙيندي آهي، ليول پليئنگ فيلڊ جمهوريت جي گهرج آهي.