ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته ڪراچي ۾ مستقبل ۾ ھڪ ميڊيڪل يونيورسٽي قائم ڪئي ويندي جنهن ۾ ميڊيڪل ۽ الائيڊ هيلٿ سائنسز سيکاريا ويندا. ھي اسپتال ميڊيڪل يونيورسٽي لاءِ تدريسي اداري جي طور تي ڪم ڪندي ۽ ملٽي ڊسيپلينري علاج ۽ ڪلينڪل خدمتون پيش ڪندي جن ۾ ڪجھھ نادر طبي حالتون پڻ شامل آھن، ان سلسلي ۾ پروجيڪٽ جي ٽيم سموري دنيا جي نامياري ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ اسپتالن سان گڏجي سرگرمين ۾ ڏينھن رات ڪم ڪري رھي آھي ۽ علمي ۽ ٽيڪنيڪي ٻنھي لحاظ کان مھارت آندي ويندي. اسپتالون رڳو سرن ۽ ڀتين جون اڏاوتون نه آهن، پر ھمدردي، اميد ۽ شفا جي علامت ھونديون آھن ڪراچيءَ ۾ صحت جي سهولتن واري گھرج ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي، خانگي ادارن پاران اسپتالن ۾ اضافي سان سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن جو بار گھٽ ٿيڻ ۾ مدد ملندي. هن اها ڳالهه ڪراچي ۾ قائم ٿيندڙ يونيورسٽي ميڊيڪل ڪامپليڪس جي فنڊ ريزنگ تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي چئيهن وڌيڪ چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ماڻهن کي صحت جي سھولتون ۽ توجھھ ملي جنهن جا اهي حقدار آهن. ان موقعي تي سهيل مهدي، ڊاڪٽر دلبر اي سعيد ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.