گڏاپ (رپورٽ: ممتاز شيخ) گڏاپ پوليس پاران ڇاپي دوران هٿ ڪيل پنجاب جي فيصل آباد جي 17 سالن جي ناري مهڪ پاران زيادتي ڪرڻ جون دانهون ڪيون ويون، آزاد ڪرايل ناري پوليس اڳيان روئي ويهي رهي ميڊيڪل لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، هڪ جوابدار کي به گرفتار ڪيو ويو، ايس ايڇ او گڏاپ ماجد علوي موجب پوليس ۽ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جي عملدارن گڏاپ ۾ ڪارروائي ڪري فيصل آباد سان تعلق رکندڙ 16 سالن جي ناري مهڪ کي بنگلي مان آزاد ڪرايو، ناري کي آزاد ڪرائي هڪ جوابدار کي به گرفتار ڪيو ويو، ڪيس داخل ڪري ناري جو ميڊيڪل ڪرايو پيو وڃي، ناري مهڪ پوليس اڳيان بيان ڏيندي چيو ته مون کي فيصل آباد ۾ هڪ شخص نشو ڏنو جنهن بعد مون سان جنسي ڏاڍائي ڪئي، مون کي ٻن ڏينهن تائين جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو، مون کي فيصل آباد کان ڪراچي آندو ويو جتي هڪ هفتو گهر ۾ رکيو ويو جتي جبري طور ڪم ڪرايو پيو وڃي.