سنڌي ٻولي سان عتاب جي ڪھاڻي

تحرير: سراج ڪلھوڙو

پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين ھن ملڪ جي ڪرتا ڌرتائن سنڌيت جي وجود کي مٽائڻ لاءِ طرحين طرحين ھربا سازشون مڪاريون منافقيون ۽ بڇڙايون پئي ڪيون آھن. جنھن جو ڳاڻاٽو ڪبو ته وڏا دفتر ڀرجي ويندا. مني صديءَ جي ان سموري عرصي تي نظر ڪبي ته ھنن سنڌيت کي ضرب پھچائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آھي.

تاريخ جي تناظر ۾ ڏسبو ته نه رڳو موجوده سمورو پاڪستان پر ڀر پاسي جا ڪيئي علائقا جھڙوڪ ڪلھه تائين عظيم سنڌ جا حصا ڳڻيا ويندا هئا. پر وقت جي ويرين سنڌ کي اڄ عظيم عظيم مان ھڪ اھڙي صوبي جي حيثيت تي بيھاريو آھي جنھن ۾ سندس ٻوليء کي قومي ٻولي به تسليم نه ٿو ڪيو وڃي. ته ڌارين ڌاڙيلن جي آبادڪاري توڙي سندس ڪچن توڙي پڪن وسيلن جي ڦرلٽ به بنا کٽڪي ۽ وڏي ديده دليريءَ ۽ بي حيائيءَ سان ڪئي پئي وڃي نه رڳو اھو پر اھي ڌاريا ماڻھو مطالبا ٿا ڪن ته ڌرتيءَ ڌڻي سنڌي ماڻھن پنھنجي گاديءَ واري شهر ۾ نه اچن ۽ سنڌ کي ٽوڙيو وڃي. اھي ڌاريا ڌوتا شھرن توڙي ٻھراڙين ۾ سنڌي ماڻھن کي بي سبب سرعام قتل بلڪه ڪھندا رھن ٿا.

اھو وڏو الميو آھي ته گذريل پندرهن سالن کان ته سنڌ صوبي ۾ بظاھر سنڌين جي جماعت پ پ پارٽي جي حڪومت رھي آھي. پر اھا جماعت نه رڳو گذريل پندرهن سال پر پنھنجي ڄم يعني اڌ صدي کن اڳ ئي جھڙوڪ ان بنياد تي سموري ملڪ جو اقتدار حاصل ڪيو جنھن بنياد تي گذريل پندرهن سالن کان سنڌ تي حڪومت ڪندي رھي پر سنڌ جي سيني ۾ سوئا ٽنبيندي ۽ اکين ۾ مرچ ٻرڪيندي رھي آھي.

قيام پاڪستان کانپوءِ مختلف حڪمرانن جي دورن سميت  پ پ پارٽيءَ جي دور ۾ سنڌ ۽ سنڌيت سان ايڏيون عقوبتون ٿيون آھن جيڪي عربن ارغونن ترخانن مغلن جي قبضي کان ڪنھن به صورت ۾ گهٽ نه آھن . انھن عقوبتن ۾ سنڌي ماڻھن جي سرعام قتلام ذريعي نسل ڪشي ، وسيلن جي ڦرلٽ ، جبري مذهب جي تبديلي، ڌرتيء تان ڌڪي ڪڍڻ ، زبردستي ڌاري ٻولي مڙھجڻ ڌرتيء جا حصا ڪٽي جدا ڪرڻ ، جياپي جو ذريعو پاڻي کسڻ ، چپي چپي تي فوجي ڇانوڻيون ٺاھڻ، دھشتگردن ڌاڙيلن ،چورن ۽ رھزنن جون نرسريون جوڙڻ سميت ڪو به اھڙو عمل بچيو نه آهي جنھن ذريعي انھن سنڌ ۽ سنڌيت جي وجود تي لڳاتار وار نه ڪيو ھجي.

قيام پاڪستان توڙي ون يونٽ کان پوءِ انصاف ۽ حق جي تقاضا اها ھئي ته سنڌ جي تاريخي حيثيت کي بحال ڪندي ان جي جاگرافيائي بيهڪ توڙي ٻوليءَ کي اھميت ڏني وڃي ھا پر اھو ڪم قيام پاڪستان وقت قائد اعظم محمد علي جناح صاحب لياقت ٽولي جي ملي ڀڳت سان نه ڪيو ۽ سنڌ سان ويساھ گهاتي ڪري ھر ممڪن سنڌ ۽ سنڌيت سان ڪلور ڪيا ويا. ون يونٽ کان پوءِ سنڌ ۾ اھا اميد جاڳي ھئي ته پاڪستان جي ڪرتا ڌرتائن تاريخ مان ڪجھه  پرايو ھوندو ۽ اھي ساڳيو ظلم ۽ جبر وارو سلسلو برقرار نه رکندا. پر نئين پاڪستان جي نئين قائد جنھن جو به تعلق جناح صاحب جيان سنڌ سان ھيو تنھن به ساڳيو جناح صاحب جھڙا پير کڻندي ٽڪا خاني ٽولي جي چوڻ تي سنڌ سان ساڳيو ورتاءُ ڪيو ۽ سنڌ ۽ سنڌيت عذاب ۽ عتاب جي ور چڙهندي رھي. بھاولپور ون يونٽ تائين سنڌين جي رياست ھئي ، پر ڀٽو حڪومت ۾ کيس سنڌ ۾ شامل ڪرڻ بدران پنجاب ۾ شامل ڪيو ويو ، جڏھن ته بھاولپور وارا رڙندا رھيا ته کين سنڌ سان شامل ڪريو يا جدا صوبو قرار ڏيو ، پر ائين نه ڪيو ويو. ساڳيو ئي طريقو لس ٻيلي سبي سميت ٻين علائقن سان ڪيو ويو جن کي نئون صوبو بلوچستان ٺاھي سنڌ کان جدا ڪيو ويو.

ان کان ڪير به انڪاري نه ٿو ٿي سگهي ته موجوده پاڪستان اڳوڻي سنڌ جي علائقن تي ٻڌل آھي. انھن سمورن علائقن ۾ ڳالھائجندڙ ٻوليون بنيادي طور سنڌي ٻوليء جا لهجا آھن. ۽ سنڌي ٻولي ئي نه رڳو موجوده پاڪستان پر برصغير جي ترقي يافته ٻولي آھي . جڏھن ته موجوده پاڪستان ۾ سنڌي کان سواءِ ڪنھن به ٻي ٻوليء وٽ پنھنجي الفابيٽ به نه قيام پاڪستان وقت ھئي نه ھينئر تائين آھي ، تنھن ڪري ھر لحاظ کان سنڌي ٻولي پاڪستان جي قومي ۽ سرڪاري ٻولي جي حيثيت رکڻ جي اھل ۽ حقدار ھئي. اھو ته پنھنجي جاءِ تي پر اھا ٻولي پاڪستان جي آباديءَ جي ھڪ سيڪڙو ماڻھن جي به ٻولي نه ھئي.

اھو ته قيام پاڪستان وارن ڏينھن ۾ قائداعظم محمدعلي جناح صاحب لياقت علي خان ٽولي جي سازش يا راضپي وغيره لاءِ ڪيو.  پر ون يونٽ کان پوءِ نئين پاڪستان جي قائد عوام به ساڳيو اردوءَ کي قومي ٻولي قرار ڏنو ۽ انگريز دور ۾ جيڪو سنڌي ٻوليءَ کي تحفظ مليل ھيو سو به ختم ڪري سنڌ کي ٻن ٻولين وارو صوبو قرار ڏنو.  اڄ به موجوده بلوچستان جي آباديءَ جي پنجاھ سيڪڙو کان وڌيڪ آباديءَ جي ٻولي سنڌي آھي پر انھن لاءِ سنڌي ٻوليءَ جو در ھينئر تائين مڪمل بند آھي . بھاولپور رياست جيڪا سنڌي رياست ھئي . تنھن ۾ پڻ سنڌي ٻوليءَ جا دروازا بند ڪيا ويا آھن ، جتي به نه رڳو سنڌي ٻوليءَ جو سرائيڪي لھجو پر چولستان سميت ڪيترن علائقن ۾ ٺيٺ سنڌي ٻولي ڳالھائيندڙ آبادي موجود آهي.

قيام پاڪستان کانپوءِ ھزارن جي تعداد ۾ سنڌي ميڊيم اسڪول توڙي اخبارون ۽ رسالا بند ڪيا ويا. اليڪٽرانڪ ميڊيا جو دور شروع ٿيو ته به سنڌي ٻوليءَ کي اليڪٽرانڪ ميڊيا کان پري رکيو ويو. ٽيليويزن جي پروگرامن ۾ صرف ويھ پنجويھ منٽ سي به صرف ڪراچي سينٽر تي ڏنا ويندا هئا پر اڳتي ھلي اھي به بند ڪيا ويا . ھينئر به پي ٽي وي جا ڪيترا ئي چينل ھلي رھيا آھن جن ۾ بيشمار اردو چينلن سان گڏ پنجابي پشتو ۽ بولان چينل ھلي رھيا آھن پر ڪو به سنڌي چينل نه آهي. ڪجھه  وقت اڳ پي ٽي ويءَ جي نيشنل چينل تان ڪجھه  وقت سنڌي پروگرام ھلايا ويندا هئا پر پوءِ اھي به ختم ڪرڻ جون خبرون آھن.

تازو نگران حڪومت جي اطلاعات واري وزير مرتضيٰ سولنگيءَ ڪوئٽه جو دورو ڪندي اعلان ڪيو ته بولان چينل تان ھزارا ٻولي جا پروگرام نشر ڪيا ويندا. ڏٺو وڃي ته ھزاره ڳالھائيندڙن جي آبادي بلوچستان جي صرف ڪوئٽا شھر ۾ چند ھزارن تي ٻڌل آھي . پر انھن لاءِ به پروگرام ھلائڻ جو فيصلو ڪيو وڃي ٿو پر بلوچستان جي پنجاھ سيڪڙو کان وڌيڪ سنڌي ٻوليءَ وارن کي ڪا اھميت نه ٿي ڏني وڃي. پر اھا به عجب ڳالهھ ليکبي ته جڏھن موجوده سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪو سرڪاري سنڌي چينل نه آھي ته بلوچستان ۾ ڪيئن ممڪن آهي ؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.