ڏسڻ جا ٻه مختلف طريقا، ٻن مختلف شخصيتن جي سڃاڻپ ڪندا آهن. زندگيءَ جي ٻين معاملن ۾ به توهان هميشه اهي ٻه انداز ۽ رويا اختيار ڪندا آهيو. مثبت رويو صحتمند سوچ سان پيدا ٿئي ٿو ۽ منفي رويو بيمار پسمانده سوچ سان مضبوط ٿئي ٿو.
هڪ مثبت رويو توهان جي اميد ۽ حوصلي جي نشاني آهي ۽ هڪ منفي رويو نااميدي ۽ تباهي جي نشاني آهي. ڪنهن معاملي تي مثبت رويو اختيار ڪرڻ سان مثبت نتيجا حاصل ٿيندا آهن. هڪ منفي رويو خراب صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪندو آهي. مثبت رويو رکندڙ ماڻهو خراب حالتن کي به بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جڏهن ته منفي رويا مسئلا پيدا ڪندا آهن.
اسان سماجي رتبي کي عزت ڏيندا آهيون ۽ عام طور انهن سان ان مطابق ورتاءُ ڪندا آهيون. انهن کي ئي عزت ڏيندا آهيون، جيڪڏھن توهان طبقاتي طور غريب آهيو ته ڪنهن به صورت ۾ معزز ناهيو سمجهيا ويندا. ڪو به توهان کي ذليل ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن توهان دولتمند آهيو ته سڀ کان وڏا عزتدار سمجهيا ويندئو. اسان جا رويا ئي سماج کي جنم ڏيندا آهن. ٿورو سوچيو ۽ ٻڌايو ته توهان ڪڏهن بنا مفاد جي ڪنهن جي عزت ڪئي آهي. توهان غريبن کي هميشه حقارت جي نظر سان ڏسندا آهيو ۽ هن کي ان گندگي ۾ ڦاسڻ تي مجبور ڪندا آهيو جنهن کي عام طور سٺو انهي سمجهيو ويندو. مطلب ته ماڻهپي جي بنياد تي عزت نه ناهيون ڏيندا، جيتوڻيڪ انهن ۾ انهن جو ڪو به ڏوهه ناهي، اهو سڄو الله جو معاملو آهي. ان جو اختيار آهي ته انسان کي امير يا غريب طور ٿو پيدا ڪري ته پوءِ تون ۽ مان ڪير آهيون هن کي گهٽ سمجهڻ وارا ؟
ڏسڻ جا ٻه مختلف طريقا، ٻن مختلف شخصيتن جي سڃاڻپ ڪندا آهن. زندگيءَ جي ٻين معاملن ۾ به توهان هميشه اهي ٻه انداز ۽ رويا اختيار ڪندا آهيو. مثبت رويو صحتمند سوچ سان پيدا ٿئي ٿو ۽ منفي رويو بيمار پسمانده سوچ سان مضبوط ٿئي ٿو.