جنرل(ر) باجوا سائفر ڪيس ۾ عدالت پيشي لاءِ تيار

جنرل(ر) باجوا عمران خان کي چئيلنج ڪري ڇڏيو آهي، سائفر ڪيس ۾ عمران خان جي چال کيس ڳچي ۾ پئجي وئي، وي لاگر عمران شفقت چيو  هي ته سينئر صحافي انصار عباسي خبر ڏني آهي ته اڳوڻي آرمي چيف سان ڳالهيون ڪندڙ هڪ ذريعي ٻڌايو ته باجوا شايد عمران خان کي مايوس نه ڪري، رٽائرڊ جنرل سائفر ڪيس ۾ گواهه طور پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهي، پر هن کي فوجي اختيارين کان اجازت جي ضرورت پيش اچي سگهي ٿي، عمران شفقت چيو ته باجوا جا ويجها ذريعا ڪي به ناهن، هو پاڻ صحافين سان رابطا ڪندو آهي ۽ چوندو آهي ته منهنجو نالو نه لکجو ڇو ته آرمي چيف سندس پينشن بند ڪري ڇڏيندو، عمران خان جيڪڏهن ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل نديم انجم جو نالو ڏنو ته هو به عدالت اچي ويندو، عمران خان لوز بال ڪري ڇڏي، جنرل (ر)باجوا ته چيو آهي ته مان ته عدالت پيشي لاءِ تيار آهي، باجوا چئي چڪو آهي ته سائفر ڪيس جي جاچ  مڪمل ڪري ڇڏي آهي، هوڏانهن صحافي اسد علي طور چيو آهي ته ڇا جنرل(ر) باجوا عمران خان خلاف عدالت ۾ پيشي لاءِ تيار آهي؟ طالبان اڳواڻ سراج الدين حقاني پاڪستاني پاسپورٽ تي قطر ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جا سفر ڪندو رهيو، کيس پاسپورٽ هڪ انٽيليجنس عملدار جي هدايت تي ٺهرائي ڏنو ويو، پاسپورٽ آفيس جي ٻن عملدارن کي ته گرفتار ڪيو ويو آهي  پر انٽيليجنس عملدارن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ٿي، اسد علي طور چيو ته سائفر ڪيس ۾ آمريڪي سفارتڪار عدالت پيش نٿا ٿي سگهن،جنرل باجوا انصار عباسي سان پاڻ رابطو ڪيو هوندو، باجوا کي به خبر آهي ته فوج کيس عدالت پيشي لاءِ اجازت نه ڏيندي، فوج ڪڏهن به پنهنجي سربراهه کي عدالتي ڪاررواين جو حصو بڻجڻ ناهي ڏيندي، هڪ ڀيري اڳوڻو آرمي چيف جنرل اسلم بيگ عدالت پيش ٿي چڪو آهي جنهن ۾ فوج کي گهڻي حزيمت کي منهن ڏيڻو پيو، باجوا پهرين ان سوال جو ته جواب ڏئي ته 12 ارب رپين جا اثاثا ڪيئن بنايا؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.