مدئجي باءِ پاس ڀرسان هوٽل تي فائرنگ، واٽهڙو نينگري ۽ رٽائرڊ فوجي قتل

شڪارپور (رپورٽ: زاھد سنجراڻي) شڪارپور مدئجي باءِ پاس ڀرسان هوٽل تي هٿياربندن جي فائرنگ، واٽھڙو ننيگري۽ ريٽائرڊ فوجي قتل ھڪ ڄڻو زخمي، مدئجي باءِ پاس وٽ ٻن موٽر سائيڪل تي سوار ھٿياربندن طرفان ھوٽل تي ويٺل ريٽائرڊ فوجي اھلڪار لياقت اڄڻ مٿان فائرنگ ڪئي وئي،  فائرنگ جي نتيجي ۾ واٽھڙو ننيگري پارس جتوئي موقعي تي قتل ٿي وئي، لياقت اڄڻ سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، مقامي ماڻھن مقتول ننيگري ۽ زخمين کي مدئجي اسپتال پھچايو جتان ريٽائرڊ فوجي لياقت اڄڻ کي لاڙڪانو منتقل ڪيو پئي ويو ته  ھو زخمن جا سور نه سھندي رستي ۾ فوت تي ويو  فائرنگ دوران مارجي ويلن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، مارجي ويل رٽائرڊ فوجي اھلڪار جي وارثن لاڙڪاڻو، مدئجي روڊ تي لاش رکي احتجاجي ڌرڻو ھنيو جنھن سبب لاڙڪاڻو سکر ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ايس ايڇ او مدئجي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري بعد مظاهرين احتجاج ختم ڪيو، مارجي ويل رٽائرڊ فوجي اھلڪار جي ڀاءُ دانھيندي چيو ته جوابدارن پھريان به اسان جا ماڻھو اغوا ڪيا ھئا، هاڻ وري ڀتي لاءِ ڌمڪيون ڏيندا هئا، اڄ مھنجو ڀاءُ ھوٽل تي آيو ته کيس مٿس حملو ڪري قتل ڪيو ويو، ھن چيو ته نه پوليس پھريان ڪا مدد ڪئي ھئي نه وري ھاڻي ڪا پوليس ۾ اميد آھي قاتل ڏوھاري آھن پوليس دانھن ڏيڻ باوجود اسان کي تحفظ نه ڏنو ۽ نيٺ قاتل اسان جي ڀاءُ کي قتل ڪري اسان سان ظلم ڪري ويا آھن، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، جڏهن ته قتل ٿيل رٽائرڊ فوجي اھلڪار لياقت اڄڻ ڪجھه ڏينھن پھريان قاتلن خلاف احتجاج ڪندي تحفظ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ھو مقتول چيو ھو ته شھر ۾ امن ناھي ڏوھارين زمين تنگ ڪري ڇڏي آھي، مون کي تحفظ ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.