جيڪب آباد(ڊ ر) جيڪب آباد ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ نوجوان قتل، جوابدارن جو ويڳي ماءُ سان ڪارنهن مڙهي نوجوان کي قتل ڪرڻ جا چئوٻول، بقا محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ سهراب جکراڻي ۾ جوابدارن ڪارنهن تهمت هيٺ نوجوان رحيم ڪانگيو کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا، اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي کڻائي سول اسپتال پهچايو اطلاع تي مقتول جا وارث به پهتا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارث مقتول جو لاش کڻائي گهر پهتا ته ڪهرام مچي ويو مقتول جي ڀاءُ عبدالله ٻڌايو ته ڀاءُ جي رستي جو لنگهه اهو آهي ڀاءُ کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي ايس ايس پي نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪري، حد جي پوليس ٻڌايو ته جوابدار مير جان جکراڻي پنهنجي ڀائرن سان گڏجي ماٽيلي ماءُ سان ڪارنهن تهمت ڏئي نوجوان کي قتل ڪيو آهي جڏهن ته الزام هيٺ آيل عورت اتان فرار ٿي ٻئي جاءِ تي پناهه ورتي آهي پوليس موجب مقتول جا وارث ايندا ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.