آريجا جي ڪچي ۾ ٻرڙا برادري ۾ جهيڙو، فائرنگ، نوجوان قتل

خير محمد آريجا (رپورٽ: سيد عطا محمد شاھ ) خير محمد آريجا جي ڪچي واري علائقي ھٽڙي غلام شاھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد موسى ٻرڙو ۾ ٻرڙا برادري جي ٻن ڌرين اسلم ٻرڙو ۽ عمران ٻرڙو وچ ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، ٻنھي ڌرين طرفان ھڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ عمران ٻرڙو جو ڀاءُ چاليهه سالا جانب ٻرڙو پٽ غلام الرسول ٻرڙو موقعي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته ٻئي ڌر جي 20 سالا نوجوان نديم ٻرڙو پٽ مدد علي زخمي ٿي پيو، اطلاع  تي هٽڙي غلام شاهه پوليس قتل ٿيل نوجوان ۽ زخمين کي ڏوڪري اسپتال منتقل ڪيو، جنهن بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ ۽ وڌيڪ نقصان ٿيڻ جا امڪان ٻنهي ڌرين پاران مورچابند علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پوليس موجب علائقي ۾ پوليس ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي وڌيڪ جاني مالي نقصان ٿيڻ جو خدشو ناهي ، جڏهن ته قتل ٿيل نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين اهڙي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.