ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت سڀني کاتن جي خريداري ۽ سرڪاري ڪم اي-ٽينڊرنگ ذريعي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير هن پاليسي جو اعلان ڪيو آهي. هاڻي سڄي سنڌ ۾ سرڪاري خريداري ۽ سرڪاري ٽينڊر، اهي ادارا جن کي ڇوٽ حاصل ھُئي، اُنھن جي ڇوٽ ختم ڪئي وئي آھي. هاڻي سموري خريداري ۽ سرڪاري ٽينڊر صرف اي-ٽينڊرنگ ذريعي ڪيا ويندا. سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي، سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اي-پيڊ ۽ اي-ٽينڊرنگ ذريعي سڀني سرڪاري کاتن ۾ شفافيت کي وڌيڪ ھٿي ملندي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي ترقي مان لاڀ ماڻڻ گھرجي، ۽ اهڙا سڀئي رستا بند ڪيا وڃن جيڪي ڪنهن به قسم جي بدعنواني جو سبب بڻجي سگهن ٿا. سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ جي سڀني کاتن ۾ خريداري صرف اي-پيڊ ۽ اي-ٽينڊرنگ ذريعي ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته ان قدم سان شفافيت وڌندي، عوام جو پئسو بچندو ۽ بدعنواني کي روڪڻ ۾ مدد ملندي. هڪ سوال جي جواب هن چيو ته هن وقت عمران خان جي خاندان جا ماڻهو ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏئي رهيا آهن ۽ پاڪستان خلاف سازشن جو حصو بڻجي رهيا آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي جمهوري روايت کي برقرار رکڻ چاهي ٿي ۽ چاهي ٿي ته ڪا به پارٽي ريڊ لائين پار نه ڪري. هن چيو ته ڪراچي ۾ نيپا چورنگي تي واقعو دل کي ڏکائيندڙ ۽ افسوسناڪ هو. جيڪو به قصوروار آهي يا جنھن جي بھ غلطي ڪئي آهي، ان کي سزا ملڻ گهرجي هن وڌيڪ چيو ته ڪالهه اسان سڀني کي سنڌي ثقافت جي ڏينهن تي مبارڪباد ڏني. هر ڪنهن کي پنهنجي ثقافت ملهائڻ جي آزادي آهي، پر ڪنهن کي به قانون کي پنهنجي هٿن ۾ وٺڻ جي اجازت ناهي.