اسلام آباد(م ڊ)اينڪرشهزاد اقبال چيو ته جيڪڏهن جنرل فيض عبرت جو نشان بڻجي سگهي ٿو ته اين سي سي آءِ جي ڊائريڪٽر سرفراز چوڌري جهڙا ڪيترا ئي نانگ ان سموري سسٽم کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات بدمعاشيون ڪري رهيا آهن،سول حڪومت سرفراز چوڌري کي به عبرت جو نشان بڻائي،صحافي عمر چيما چيو ته ڊڪي جووي لاگ ٻڌو،هن سان جيڪو سائبر ڪرائم ڪيو ويو اهو گهڻو خراب هو،سرڪارياهلڪار ۽ رهزن ۾ فرق ختم ٿيندو پيو وڃي،اينڪر منصور علي خان چيو ته ڊڪي ڀائي اهو نه ٻڌايو ته کيس بچائيندڙ ”بگ برادر“ ڪير هو؟ٿي سگهي ٿو اها ملٽري انٽيليجنس هجي، ڊڪي ڀائي وٽ ته پاڻ سان ٿيل وارتاءُ ٻڌائڻ لاءِ پنهنجو پليٽ فارم(يوٽيوب چئنل ) آهي،توهان ٿورو سوچيو ته ڏورانهن علائقن ۾ هڪ پوليس وارو يا ايس ايڇ او هڪ غريب خاندان سان ڇا ڇا ڪري سگهي ٿو؟هن چيو ته ڊڪي ڀائي ته سڄي ملڪ ۾ مشهور آهي هن سان اهڙو سلوڪ ٿي سگهي ٿو ته هڪ اڻ ڄاتل پاڪستاني سان فرعوني آفيسر ڪهڙو ورتاءُ ڪندا هوندا،هن چيو ته اين سي سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر سرفراز چوڌري مون کي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ٻڌايو ته ڊڪي ڀائي جي ڪيس کي ملٽري انٽيليجنس اعليٰ سطح تي ڏسي رهي آهي،مون لاءِ حيران ڪندڙ هو ته ملٽري انٽيليجنس جو جوا جي تشهير واري ڪيس سان ڪهڙو تعلق ٿي سگهي ٿو؟اهو قومي سلامتي جو اشو ته نه هو؟ ان کان اڳ پنهنجي وي لاگ ۾ ڊڪي ڀائي ٻڌايو ته کيس 17 آگسٽ تي آن لائن جوا ايپس رستي مني لانڊرنگ جي الزام ۾ حراست ۾ ورتو ويو۔ حراست دوران هن سان جيڪو غيرانساني سلوڪ ٿيو، ڇا اهي آفيسر ان جا مجاز هئا؟ڊڪي ڀائي جي دعويٰ آهي ته کيس تشدد به ڪيو ويو، گاريون به ڏنيون ويون، هيستائين هڪ 7 سالن جي ٻار کي چيو ويو ته ڊڪي کي گاريون ڏيو۔ڊڪي مطابق، NCCIA جي ڊائريڪٽر هن جي گهرواري تي ڪيس ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ 60 لک رُپيا گهريا، ڊڪي ڀائي ٻڌايو ته کيس زبردستي ڪرپٽو والٽ ذريعي 9 ڪروڙ رُپيا ٽرانسفر ڪرائي ورتا ويا۔
-
ڊڪي ڀائي ڪرپٽ نظام کي وائکو ڪري ڇڏيو
لاهور(مبشر لقمان)يوٽيوبر ڊڪي ڀائيءَ معافي به وٺي ڇڏي، پر ساڳي وقت هن ڪرپٽ نظام کي به ننگو ڪري ڇڏيو۔هن جيڪي انڪشاف ڪيا آهن، اهي پوري قوم لاءِ وڏو سوال آهن، ڊڪي ڀائي جو چوڻ آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ خفيه اداري جي ٽيمن هن کي بچايو۔ڊڪي جي ويڊيو ڇهن ڪلاڪن ۾ 38 لک ماڻهن ڏٺي، ۽ 24 ڪلاڪن ۾ سوشل ميڊيا تي ٽاپ ٽرينڊ ٿي وئي،اهو انگ اڄ تائين 97لک تائين پهتو آهي،پر حڪومت طرفان ڪو نوٽيس نه ورتو ويو۔هي ڪهاڻي هن مدي خان سسٽم جي ڪهاڻي آهي۔هتي هر وڏو ڪيس هڪ ڪرپشن ڪهاڻي بڻجي وڃي ٿو۔ پنجاب ۾ ٽرئفڪ قانونن تي عام ماڻهو پڪڙجي ٿو، پر جج جو پٽ ٻن جانيون وٺي به آزاد گهمي ٿو،ڪو به قانون لاڳو نه ٿو ٿئي۔جڏهن ملڪ ۾ ڪرپشن ختم نه ٿيندي،سفارش ۽ اقربا پروري ختم نه ٿيندي،قانون جو هڪجهڙو اطلاق نه ٿيندو،نظام بدبودار رهندوتڏهن پاڪستان اڳتي نه وڌندو۔