سگا پاران ڪراچي ۾ سنڌي ثقافت ڏهاڙو شاندار نموني ملهايو ويو

ڪراچي (پ ر) سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن مرڪز طرفان سگا مظهرالدين ميمڻ رسورس سينٽر رمپا پلازا ڪراچي ۾ ثقافتي ڏينهن ملهايو ويو، جتي سڀني ساٿين ثقافتي سڃاڻپ سان شرڪت ڪئي ۽ ڌرتيءَ جي نالي سان ڪيڪ ڪٽيو ويو.
ان شاندار تقريب ۾ سگا جي ويجهين شاخن جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.
تقريب جي صدارت رفيق احمد جعفري چيئرمين سگا ڪئي، ڪارروائي علي حسين بروهي سيڪريٽري جنرل ھلائي، شرڪت ڪندڙن ۾ ولي محمد روشن، غلام حسين بلوچ، شير محمد کهاوڙ، تاج محمد وساڻ، گل بيگ مغيري، شير مهراڻي، علي نواز جوکيو، ظفر حميد بلوچ، راشد حسين بلوچ، ڊاڪٽر لياقت علي تنيو، مريد علي لاکو، وحيد مهيسر، علي حيدر شيخ، صفدر جاگيراڻي، خليل الله شڀاڻي، محمد سليمان وساڻ، منصور پيرزادو، غلام اڪبر ملڪ، خادم حسين ڪانڌڙو، وقار احمد پاٽولي، محمد اسلم بلوچ، اي.بي لاشاري، اشرف علي کهاوڙ، محمد اسلم شيخ، غلام اڪبر ڏاهاڻي ۽ ٻيا شامل هئا.
تقريب ۾ اديبن ۽ شاعرن سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت بابت پنهنجا پنهنجا خيال پيش ڪيا ۽ شاعري پڙھي.
موجود ماڻهن ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري کي مڪمل طور تي ختم ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي وحدانيت تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي، سنڌ جي وڪيلن جي هر طرح سان مالڪي ڪئي ويندي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي مفادن جي خلاف ٿيندڙ هر سازش جي ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي.
اجلاس ۾ سنڌ جي قومي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪراچي پوليس پاران ايف ٽي سي بلڊنگ وٽ روڊ بند ڪرڻ ۽ قومي ڪارڪنن تي ٿيل تشدد واري واقعي تي غور ويچار ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ اجلاس ۾ هيٺين ريت ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.
سگا سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي ڪراچيءَ ۾ ثقافتي ميڙاڪي ۾ شامل ٿيندڙ سنڌي ماڻهن خاص طور تي معصوم نوجوانن خلاف انتهائي شرمناڪ رويي، گارين واري عمل کي سنڌ ۽ سنڌي ثقافت لاءِ سازش قرار ڏئي ٿي ۽ سنڌ سرڪار خاص ڪري وزيراعليٰ سنڌ کان مطالبو ٿي ڪري ته ذميوارن خلاف قانوني ۽ تاديبي ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ اهڙي عمل کي سنڌ، سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ماڻهن خلاف سازش تصور ڪيو ويندو ۽ اهڙن ماڻهن خلاف قانوني قدم کڻڻ جو حق رکون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.