ڊيلاس (عوامي آواز رپورٽ)سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) ڊيلاس پاران سنڌ جو ثقافت ڏهاڙو نهايت شاندارنموني سان ملهايو ويو، جنهن ۾ ڊيلاس ۽ ويجهن شهرن مان وڏي انگ ۾ سنڌي خاندانن شرڪت ڪئي۔هن رنگا رنگ تقريب نه رڳو مقامي ڪميونٽي کي هڪٻئي جي ويجهو آندو، پر سنڌ جي تهذيب، روايتن ۽ سڃاڻپ کي آمريڪي سرزمين تي خوبصورتي سان اُجاگر پڻ ڪيو۔. تقريب ۾ ٽيڪساس اسيمبلي جي ميمبر سلمان ڀوڄاڻي، پاڪستان قونصل خاني هيوسٽن جي وائس قونصلر فرحان احمد، سانا جا مرڪزي اڳواڻ اصغر پٺاڻ، مرڪزي جنرل سيڪريٽري اسد شيخ ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي۔سلمان ڀوڄاڻي چيو ته سنڌ جي ثقافت امن، محبت ۽ بردباري جي علامت آهي، ۽ اڄ ڊيلاس ان ورثي کي عزت ڏني آهي،فرحان احمد چيو ته سنڌ جي اجرڪ ۽ ٽوپي پاڪستان جي سڃاڻپ آهن۔ سنڌ جو ثقافت ڏهاڙو سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي مثبت تصوير کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو،اصغر پٺاڻ ۽ جنرل سيڪريٽري اسد شيخ چيو تهسنڌي جتي به وڃن، پنهنجي روايتن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلن ٿا، ۽ اهو ئي سنڌ جو فخر آهي تقريب ۾عامر ميمڻ نظامت جا فرائض سرانجام ڏنا، جڏهنته سهيل خاصخيلي، سرفراز عباسي، شهريار ارشاد، غلام نبي ڪلوڙ، عمران پيرزادو، محمد شفيع ۽ فهد جوڻيجو مهمانن کي ڀليڪار ڪيو ۽ کين اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا پيش ڪيا۔ برڪت بسريو، ڊيموڪريٽڪ اميدوار اٽارني صوفيا انور ۽ پاک پيڪ گروپ جي نديم اختر پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي۔تقريب جو اختتام سنڌ جي مشهور روايتي رقص "هو جمالو” سان ٿيو.