اليڪشن ڪميشن پاران اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊيول جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن موجب اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون 15 فيبروري تي ٿينديون، پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان شام 4 وڳي تائين جاري رهندو.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته رٽرننگ آفيسر نامزدگي ڪاغذن لاءِ نوٽيس 19 ڊسمبر تي لڳائيندا، نامزدگي ڪاغذ 22 ڊسمبر کان 27 ڊسمبر تائين جمع ڪرايا ويندا.
چونڊ شيڊيول موجب نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال 30 ڊسمبر کان 3 جنوري 2026 تائين ٿيندي، اپيلون 5 کان 8 جنوري 2026 تائين داخل ڪري سگهجن ٿيون، ٽربيونلز اپيلون 9 کان 13 جنوري تائين اڪلايون وينديون.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جي آخري تاريخ 15 جنوري 2026 آهي، اميدوارن جي حتمي فهرست 16 جنوري تي لڳائي ويندي، چونڊ نشان 16 جنوري تي الاٽ ڪيا ويندا.
اليڪشن ڪميشن موجب اسلام آباد جي مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ 15 فيبروري تي ٿيندي، 16 فيبروري کان 19 فيبروري تائين نتيجا جوڙيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.