ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران غني امان ۽ سرمد جي ضمانت رد ٿيڻ واري ڪيس حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نظرثاني واري درخواست داخل ڪئي وئي، وڪيلن پاران درخواست تي تڪڙي ٻڌڻي جي درخواست ڪئي وئي، درخواست ۾ چيو ويو ته ضمانت منظور ڪرڻ کان پوءِ رد ڪئي وئي جنهن سلسلي ۾ عدالت مٿان دٻاءُ هو، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس ظفر احمد راجپوت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ڪندو، جڌهن ته وڪيل ڪاظم مهيسر، پرور چانڊيو، شمس چانڊيو، مجيب پنهور، غني امان، سرمد ميراڻي، سنڌو امان، سارنگ جويو، سرمد جو والد ذوالفقار ميراڻي عدالت ۾ موجود هئا، ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ چيو ته غني امان ۽ سرمد ميراڻي جي ضمانت تي ٻڌڻي چيف جسٽس اڄ ڪندو.