لاڙڪاڻو( رپورٽ: علي ساجد تنيو ) لاڙڪاڻي ۾ ننڍي کنڊ جي عظيم ڏاهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي 11 هين ورسي انتهائي سادگي سان سندس رهائشگاهه تي ملهائي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڪامريڊ سوڀي جي پٽ نرمل، سينئر جرنلسٽ ڊاڪٽر مولا بخش ڪلهوڙو، اديب ۽ شاعر پروفيسر ڄام جمالي، ميرل ابڙو، ڊاڪٽر مير محمد شيخ سميت ٻين شرڪت ڪري ڪامريڊ سوڀي جي مجسمي ۽ تصويرن اڳيان گل رکي کيس ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي ڪامريڊ سوڀي جي پٽ نرمل گيانچنداڻي جو چوڻ هو ته بابا جو يادگار جوڙائڻ سميت ٻيا واعدا پاڙڻ لاءِ سنڌ حڪومت يا ثقافت کاتي اسان سان ڪو به سهڪار ناهي ڪيو ۽ نه ئي اسان کي سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتي مان ڪو آسرو آهي. هن چيو ته جناح باغ ۾ آرڪائيوز کاتي طرفان بابا جون يادگار شيون تصويرون، ريڊيو، گلاس، ڪتاب، واچ ۽ ٻيون شيون رکيون ويون آهن، بابا هيو ته حڪومت جون وڏيون ڳالهيون هيون پر بابا جي وڇوڙي کان سڀ ڳالهيون ننڍيون ٿي ٿيون. هن چيو ته بابا جو خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. هن چيو ته اڄ بابا جي ڏهين ورسي آهي ۽ 11 سال ائين گذري ويا ڪا خبر ئي نه پئي ڄڻ ته بابا جو وڇوڙو ڪالهه جي ڳالهه آهي پر اسان بابا کي وساريو ناهي ائين لڳندو آهي ته بابا اڄ به اسان سان گڏ آهي، بابا وڇڙيو آهي پر وسريو ناهي ڇاڪاڻ بابا وسرڻ جهڙو نه پر ياد ڪرڻ جهڙو انسان آهي. بابا کي انسانيت سان پيار رهيو انسانيت جي خدمت کي ترجيح ڏني. ميرل ابڙو چيو ته چيو ته سوڀو هڪ ئي وقت انقلابي، سنڌ پرست، عالم ۽ دانشور هئڻ سان گڏ گهڻ پاسائو شخص هيو، هو هميشه پنهنجي لکڻين ۾ انسان ذات ۽ پنهنجي وطن جي خيرخواهي جي ڳالهه ڪندو هو مذهب کان مٿاهون درجو انسانيت آهي جنهن سان هن جو پيار رهيو. آئون تيلين مان موئن جو دڙو جون تاريخي شيون ٺاهيندو هيس جن جو معاوضو ان ٽائيم معاوضو 150 روپيا گهٽ ملڻ ڪري آئون سوڀي گيانچنداڻي جي رهائشگاھ کڻي ايندو هيس جتي هو مون کي 500 روپين ۾ وڪرو ڪرائي ڏيندو هو. پروفيسر ڄام جمالي چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ثقافت کاتي جي هميشه عدم دلچسپي رهي آهي پر ڪامريڊ ڪنهن شيءَ جو محتاج ناهي، سنڌي قوم جي حيثيت سان سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي مٿان فرض آهي ته هو ڪامريڊ جي ورسي ملهائي کيس ڀيٽا ڪري ته جيئن سنڌ جي نوجوان نسل کي اتساهه ملي ۽ عام ماڻهن کي خبر پوي ته سنڌ جي اهم شخصيتن ڪهڙيون قربانيون ڏئي خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته ڪامريڊ چوندو هو ته انسانيت برابري چاهي ٿي ۽ برابري جي بنياد تي انسانن کي اهميت ۽ عزت ڏني وڃي، ڪامريڊ طبقاتي نظام ۽ ٽولي جي خلاف هو جنهن خلاف هن مرڻ گهڙي جدوجهد ڪئي. ڊاڪٽر مير محمد شيخ چيو ته ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي علم رکندڙ ڏاهو انسان هو جنهن کي ڪتابن سان چاهه هوندو هو ۽ کيس پنهنجي ماروئڙن جي فڪر هوندي هئي ۽ هو چوندو هو ته سنڌ واسي هميشه خوشحال رهي ڏکن ۽ سورن کان پري هجن ان جو خواب هيو.