اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جو چوڻ هو ته اپوزيشن ليڊر جو معاملو اڃا عدالت ۾ التوا هيٺ آهي، جيئن ئي عدالت جو حڪم اچي ٿو، پوءِ فيصلي ڪندس. سردار اياز صادق هڪ دفعو ٻيهر اشارو ڏنو هو حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهين لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، اڳ ۾ به ڪردار ادا ڪيو هو پر مون کي نتيجو نه مليو. هن چيو ته هاڻ ماڻهو ويهي مشاورت ڪري ٻڌائين، ادارن خلاف ڳالهايو ويندو ته ڪجهه حاصل نه ٿيندو . قومي اسيمبلي جو اجلاس اربع ڏينهن 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.