ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي ترجمان شازيا مري پي ٽي آءِ کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي۔. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ پاڪستان ۾ سياست ڪرڻ بدران رياست تي حملا ۽ غير ملڪي ميڊيا جي چونڊ ڪندي آهي۔هن چيو ته مودي جي اختيار هيٺ هلندڙ ڀارتي چينلن تي ويهي پاڪستان تي حملا ڪرڻ شرمناڪ آهي،عمران خان جي ڀينرن کي غير ملڪي ميڊيا تي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو، جيڪو رويو حل بدران افراتفري پيدا ڪرڻ جو مثال آهي۔. شازيا مري چيو ته پي ٽي آءِ کي گهرجي ته پاڪستان خلاف بدنامي پکيڙڻ بدران سياست تي ڌيان ڏئي۔ سڀ ڄاڻن ٿا ته پي ٽي آءِ مشڪوڪ اڪائونٽن ۽ غير ملڪي فنڊنگ تي زنده آهي۔هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي کي پاڪستان جي تاريخ ۾ بدترين تشدد کي منهن ڏيڻو پيو شهيد ڀٽو جو عدالتي قتل ۽ شهيد محترمه جو قتل به پيپلز پارٽي جي عزم کي نه جهڪايو،هن چيو ته صدر زرداري 12 سال جيل ۾ گذاريا، پر پوءِ به "پاڪستان کَپّي” جو نعرو هنيو.