ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته سنڌ حڪومت صحت جي شعبي ۾ ماڻهنکي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ چاهي ٿي، اسان وٽ نيورو سرجن جي کوٽ آهي، نئين خالي جاين تي ڀرتين کان پوءِ اهڙي کوٽ ختم ٿي ويندي. اهڙيون ڳالهيون هن گذريل ڏهاڙي سنڌ اسيمبلي ۾ صحت کاتي سان لاڳاپيل سوالن جوابن جي وقفي دوران ميمبرن جي مختلف تحريري ۽ ضمني سوالن جا جواب ڏيندي ڪيون. صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو چيو ته 2024ع دوران صوبي ۾ ارڙي جي بيماري جا 700 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته 2025ع دوران 3000 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا. هن چيو ته 2018ع کان 2023 ع تائين خسري بيماري جي ڪري 16 مريض فوت ٿي چڪا آهن، سنڌ حڪومت خسري بيماري جي ويڪسين لڳائيندي آهي، ان حوالي سان هڪ ڊجيٽل اليڪٽرانڪ سسٽم ٺاهيو پيو وڃي جنهن تحت اسان وٽ خسري ۾ مبتلا ٻار جو مڪمل رڪارڊ ،موجود هوندو. سنڌ اسيمبلي سومر ڏهاڙي سنڌ روينيو بورڊ ۾ ترميمي بل جي منظوري ڏني، جنهن کان پوءِ اجلاس اڄ (اڱاري) ڏينهن، وقت 12 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.