ڪراچي/تربت (رپورٽر ) تربت ۾ نوجوان جي قتل خلاف احتجاج ڪندڙن ڪوئيٽا طرف مارچ شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي طرفان بلوچستان جي علائقي تربت ۾ گرفتار ڪيل بلوچ نوجوانن جي م قتل خلاف ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن ۾ انساني حقن جي تنظيمن، سول سوسائٽي، سياسي ۽ سماجي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. سي ٽي ڊي بلوچستان خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي هيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرمين اسد بٽ، قاضي خضر، سعيد، وومين ايڪشن فورم جي عظميٰ نوراني، مهناز رحمان ٽريڊ يونين اڳواڻ ناصر منصور، زهرا خان، لياري عوامي محاذ جي خليق زدران، ڪامريڊ وحيد بلوچ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪندي چيو ته 23 نومبر 2023 تي بلوچستان جي ڪيچ ضلعي جي اهم شهر تربت ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) بالاچ، مولابخش ۽ ٽن ڄڻن کي جعلي مقابلي جي نالي تي قتل ڪيو. هنن مطالبو ڪيو ته بالاچ جي قتل ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي. هنن چيو ته ڪوڙي مقابلي کان 2 ڏينهن اڳ بالاچ کي سي ٽي ڊي تربت جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪري 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ورتو هو. بعد ۾ بالاچ کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بدران تربت ۾ 4 ڄڻن کي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو. هيومن رائٽس ڪميشن جي چيئرمين اسد بٽ چيو آهي ته بلوچستان ۾ جبري گمشدگين جي واقعن ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي آئي، ان کان وڌيڪ پريشاني جي ڳالهه اها آهي ته بلوچ شاگردن جي جبري گمشدگين جا واقعا وڌي ويا آهن. اسد بٽ جبري گمشدگي کي ڏوهه قرار ڏيندي چيو ته ذميوار آفيسرن ۽ اهلڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي.