سنڌ جون زمينون ادارن کي ڏيڻ خلاف 24 ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ ڌرڻي جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ۾ کاٻي ڌُر جي اتحاد ”سنڌ ليفٽ فرنٽ“ ٻاھرين آبادڪاري ۽ سنڌ جون زرعي زمينون سگهارن ادارن کي ڏيڻ واري نگران حڪومت جي فيصلي خلاف 24 ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان  ڪندي چيو آهي ته کاٻي ڌر جي اتحاد کي وسيع ڪري ملڪ ۾ قائم غيرجمھوري ۽ رجعتي قوتن جو مقابلو ڪري سگھجي ٿو. سنڌ ليفٽ فرنٽ جي گڏجاڻي مسرور شاھه جي صدارت ھيٺ پورھيت مزاحمت تحريڪ جي ميزباني ھيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي ڪامريڊ بخشل ٿلھو، عوامي جمهوري پارٽي جي ڊاڪٽر اسلم پرويز، وطن دوست جمهوري پارٽي جي گلشير شر، سنڌ هاري ڪاميٽي جي عالم زيب، پ پ شهيد ڀٽو جي محمد رمضان ۽ طبقاتي جدوجهد جي ڪامريڊ ايسر داس پنهنجي ساٿين سميت شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ کاٻي ڌُر جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪمران طبقن جي پاليسي سبب اڄ ملڪ سفارتي اڪيلائي، معاشي ڏيوالپڻي، سياسي بحران ۽ سيڪيورٽي خطرن کي منھن ڏئي رھيو آهي، شروع ڏينھن کان وٺي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ عالمي سامراج جي سگهارن ادارن ۽ معاشي پاليسين جي تابع رھي آھي، پاڪستاني رياست قومن جي انڪار تي بيٺل مسواڙي رياست رھي آھي، جنھن سدائين مظلوم قومن جا وسيلا ۽ جاگرافي تين وال ڪري ناڻو ڪمايو آھي ۽ عالمي ادارن جي قرضن تي ھلندي رھي آھي، پر ڪڏھن به  ملڪ جي صنعتي بيس، تعليم، صحت ۽ عوام جي ڀلائي تي خرچ ناھي ڪيو، ان جو نتيجو آھي ته ملڪ ھن بدترين صورتحال ۾ پھتو آھي، اھڙي  بدترين صورتحال ۾ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ تاريخ مان سکڻ کان قاصر آھي، نگران حڪومت کي ڊگھي عرصي تائين ھلائڻ  جون تياريون ٿي رھيون آھن. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ملڪ ۾ جلد آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ معاشي ڏيوالپڻي کي منھن ڏيڻ لاءِ معاشي سڌارا ڪرڻ بجاءِ مظلوم قومن جي وسيلن کي وڌيڪ ڦرڻ جو منصوبو ٺاھيو آھي، اڄ نگران حڪومت جي ذريعي سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن کي تين وال ڪيو پيو وڃي، جڏھن ته نگران حڪومت کي اھڙو ڪو به قانوني آئيني ۽ اخلاقي جواز ناھي. اجلاس ۾  نگران حڪومت پاران سگهارن ادارن کي سنڌ جي 54 ھزار ايڪڙ زرعي زمين ڏيڻ واري فيصلي جي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ زرعي سڌارا ڪري زمين بي زمين ھارين ۽ ھارياڻين کي ڏني  وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته  پاڪستان ٺھڻ کان وٺي سنڌ جي ڊيموگرافي کي تبديل ڪرڻ ۽ سنڌين جي حق حاڪميت کي کسڻ لاءِ مختلف دورن ۾ ٻاھرين آبادي جا ڪٽڪ سنڌ ۾ آندا ويا، اڄ پاڪستان جي رياست افغان پناهگيرن کي افغانستان واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي، اھو فيصلو پاڪستاني رياست پنھنجي سيڪيورٽي مفادن کي نظر ۾ رکي ڪيو آھي، اڳواڻن چيو ته  افغان مھاجرين جي مسئلي جو صحيح حل اھو آھي ته انھن کي عزت سان پنھنجي ملڪ موڪليو وڃي يا يواين ايڇ سي آر جي قانون تحت بارڊر وارن علائقن ۾ ڪيمپن ۾ رھايو وڃي، اھو عمل نه صرف سنڌي قوم ۽ افغان پناهگيرين جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ کي گھٽائيندو بلڪه افغان عوام کي به   موقعو ڏيندو ته ھو پنھنجي ملڪ وڃي فسطائي طالبان حڪومت خلاف جدوجھد ڪن  اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ معاشي روزگار لاءِ ايندڙ  ٻاھرين آبادڪاري لاءِ قانون سازي ڪري انھن جي ووٽ ۽ پراپرٽي جي حق کي محدود ڪيو وڃي، آخر ۾ ناري جمھوري محاذ ۽ عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ عاليا بخشل جي امڙ جي وفات تي عوامي ورڪرز پارٽي سان تعزيت ڪندي اجلاس ۾ ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.

زمينون ادارن بدران سنڌ جي بي زمين هارين کي ڏيو: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف 14 ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس جون تياريون هلندڙ، ان سلسلي ۾ عوامي  تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ۽ مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو سياسي سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاهه، نامور صحافي جي اين مغل، اسحاق مڱريو، اقبال ملاح،رشيد ميمڻ، آصف نظاماڻي ۽ ٻين سان الڳ الڳ ٽيليفونڪ رابطا ڪري ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا سنڌي قوم جي گڏيل قومي ملڪيت آھن، جنھن کي بچائڻ لاءِ سنڌي عوام نسل در نسل جدوجھد ڪندو پيو اچي. سنڌين کان زمينون ۽ وسيلا کسي فلسطينين جيان سنڌين کي به پنهنجي وطن ۾ ئي بي وطن ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي ٿيندڙ قبضن خلاف سگهاري جدوجهد جي ضرورت آهي. هنن چيو ته زمينون عسڪري  ادارن  ۽ ٻين غير ملڪي ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ بدران بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن.

سنڌ جي  زمينن جي نيلامي بند ڪئي وڃي:اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ جو عوام ايندڙ اليڪشن ۾ ڪرپٽ مافيا کي دفن ڪري

 ڇڏيندو. سنڌ مال غنيمت ناھي، زمينن جي نيلامي بند ڪئي وڃي، پ پ جي ڪرپٽ وزيرن جا فرنٽ مين مافيا بنجي زرعي ڀاڻ، ٻج، دوائون، ڪڻڪ، کنڊ ۽ ٻيون شيون لڪائي ھٿرادو بحران پيدا ڪري اربين روپين جي لٽمار ڪن ٿا. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي 15 سالن جي حڪومت سنڌ کي ترقي ۾ پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي. زمينن ۽ وسيلن کي تين وال ڪيو ويو. اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جي وحدت کي داءُ تي لڳايو ويو. سنڌ ۾ ڪا نئين انڊسٽري نہ لڳي آھي. ڌاڙيل راڄ جي ڪري ماڻھو محفوظ ناھن. هن  چيو ته ايندڙ حڪومت لاءِ تعليم، صحت، زراعت جي بحالي، بيروزگاري وڏا چئلينج آھن.

54 هزار ايڪڙ اداري کي ڏيڻ ناانصافي آهي: ثمر حيدر جتوئي

حيدرآباد(رپورٽر)سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو آهي ته سنڌ جي نگران حڪومت سنڌ کپائڻ جي  سازش ڪندي سنڌ جي 54 هزار ايڪڙ زمين فوج کي الاٽ ڪرڻ سنڌ جي وسيلن سان انتها درجي جي ناانصافي آهي. نگران سرڪار سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ جي گهري سازش ڪري رهي آهي. جڏهن کان هي ملڪ ٺهيو آهي، ان ڏينهن کان وٺي سنڌ جي سمورن وسيلن تي ڌارين ماڻهن کي قابض ڪرڻ جي پلاننگ ٿي رهي آهي، سنڌ جي سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي پڻ ان معاملي تي سنجيده طور تي غور ڪرڻ گهرجي، هي هڪ قسم جي قومي زيادتي آهي، سنڌ هاري ڪاميٽي سنڌ جي وڪيل برادري کي سلام پيش ڪري ٿي جنهن هن اهم مسئلي تي ڪوشش ورتي آهي. سنڌ جي زمين سنڌي ماڻهن کي الاٽ ڪئي وڃي نه ڪي فوج يا ڪنهن ٻئي اداري کي. سنڌ جون قوم پرست ڌريون پڻ هن معاملي تي پنھنجو آواز بلند ڪن.

سنڌ هاري ڪميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي پاران وڪيلن جي ڌرڻي جي حمايت

حيدرآباد (رپورٽر)  سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر پروفيسر مير منور ٽالپر ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان، سنڌ جي سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال ھڪ گڏيل بيان  ۾ انهن اطلاعن تي سخت احتجاج ڪيو آهي، جن مطابق سنڌ جي مختلف ضلعن جي 54 هزار ايڪڙ زمين تي قبضي ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي نگران گهرو وزير جي پٽ کي سنڌ سرڪار پاران چار هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي، هنن اڳواڻن چيو ته سنڌ ۽ ملڪ جو عوام ڪنهن به قيمت تي اهڙي قسم جي ڪنهن به حرڪت کي هرگز برداشت نه ڪندو.  هنن اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ملڪيتن ۽ وسيلن تي قبضن ڪرڻ جي خلاف سخت مزاحمت ڪئي ويندي ۽ سنڌ جي حقن جو بچاء ڪيو ويندوپورهيت اڳواڻن  ڪراچي جي وڪيل برادري جي طرفان ڇنڇر جي ڏينهن زمينن جي والار جي خلاف سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ رٿيل احتجاجي مظاهري ۽ جلسي جي واکاڻ ۽ حمايت ڪندي اعلان ڪيو ته سنڌ هاري ڪميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي، سنڌ ۽ ملڪي سطح تي انهن ناانصافين، ويساه گهاتين ۽ ملڪ تي ٻيهر ون يونٽ مسلط ڪرڻ جي خلاف سڀني عوام دوست قوتن سان گڏجي جدوجهد کي ڪاميابي تائين جاري رکندي.17

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.