اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ انڊيڪس 64 هزار 641 پوائنٽس کان وڌي ويو

اسلام آباد(م ڊ) نگران حڪومت جي قدمن جي نتيجي ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي کانپوءِ  انڊيڪس 64 هزار 641 پوائنٽس کان وڌي ويو، اسٽاڪ ايڪسچينج جي عملدارن موجب خميس تي ڪاروبار جي شروعات تي 100 انڊيڪس ۾ 24 پوائنٽس جو اضافو ريڪاڊ ڪيو ويو جنهن کان پو ءِ انڊيڪس 64 هزار 641 پوائنٽس جي بلند تيرين سطح تي پهچي ويو، نگران حڪومت جي معاشي پاليسين سبب اسٽاڪ  مارڪيٽ ۾ زبردست تيزي نظر آئي آهي، هوڏانهن روپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.